حڪومت نه رياست بحران جو شڪار آهي

فاروق سلهريا

پهرين ڳالهه کان شروعات : جڏهن معاشي بحران جي ڳالهه ٿئي ٿي ته عام طور تي اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته ڄڻ سرمائيدارن جا اربين روپيا ٻڏي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن اربين کربين  روپين  جي ڳالهه ڪبي آهي ته عام ماڻهو سوچي ٿو  ان جو   اربين روپين جي رقم سان  ڪهڙو تعلق آهي،سچ ته اهو  آهي ته اڪثر معاشي بحرانن  جي دور ۾ به ڪيترائي ارب پتي پنهنجي دولت ۾ اضافو ڪري رهيا هوندا آهن. معاشي بحران هميشه پورهيت ۽ هاري لاءِ ايندو آهي. انهن جا لاهه  نڪري ويندا آهن،  انهن جي معيشت جو ئي جنازو نڪرندو آهي.

مارڪسي طريقيڪار ۾ ڪنهن هڪ بحران کي انفرادي سطح  تي ڏسڻ جي بجاءِ سمورن بحرانن  کي هڪ  مجموعي جي صورت ۾ ڏسندي  تجزيو ڪيو ويندو آهي. مسئلو تحريڪ انصاف يا هاڻوڪي حڪومت جي ٻڏتر ۾مبتلا ٿيڻ جو نه  آهي،  سوال رڳو اهو به ناهي ته ايندڙ آرمي چيف ڪير هوندو يا ڪابل ۾ پاڪستاني طالبان سان ڳالهين جو نتيجو ڇا نڪرندو.

بحران جو بنياد  معاشي به آهي ۽ سياسي به آهي، هي بحران ٻن يا چئن سالن جو نه پر 75 سالن جي پاليسين جو نتيجو آهي.

هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ٽين دنيا ۾ سياست  معيشت جو به تعين ڪندي آهي. ان جو هڪ مثال: فوج سياست انڪري نٿي  ڇڏي، ڇو ته ان جو فوجي معيشت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سياست ۾ رهڻ ضروري آهي.

موجوده معاشي بحران جا ٽي مکيه سبب آهن. پرڏيهي قرض، دفاعي بجيٽ. امير ماڻهن جي ٽيڪس ادا ڪرڻ بدران 17 ارب ڊالرن جي سالياني سبسڊي وٺڻ.

اسان ڏٺو ته شهباز شريف حڪومت شايد آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي راضي نه هئي پر فوج دٻاءُ وڌو. فوج ڄاڻي ٿي ته آءِ ايم ايف کي ناراض ڪرڻ سان، دفاعي بجيٽ ۽ اشرافيه سبسڊي (جنهن مان فوج جي ڪاروبار ي ادارن کي اڍائي سئو ارب  رپيا ملن ٿا) خطري ۾ پئجي ويندا. فوج اهو بار غريب عوام تي وجهڻ جي ڪوشش ڪندي.

ڪا به حڪومت جيڪا چونڊن ۾ وڃڻ چاهي ٿي، اهو سمورو بار عوام تي نٿي وجهي سگهي. ان ڪري ڪنهن حد تائين ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اشرافيه تي بار وڌو وڃي، تنهن ڪري ڪجهه درآمدات تي  پابندي لڳائي واپاري خسارو گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اصل بار تيل ۽ بجليءَ جي قيمتن ۾ واڌ ڪري مٿن لاٿو ويوآهي. ساڳئي وقت 28 ارب رپين جي سبسڊي جو اعلان ڪري  زهر ۾ ماکي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.آهي.

حڪومت نه ته دفائي بجيٽ گهٽائڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿي  ۽ نه ئي ان ۾ همت آهي جو قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهي.

۽. نه ئي اها اشرافيه کي ڪاوڙائي سگهي ٿي ۽ ماڻهن جي سهپ جواب ڏئي وئي  آهي.اهي ڪهڙي ڏينهن رستن تي نڪري ايندا ان لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

پورهيت جي نقطه نظر کان سياست جو سڀ کان وڏو بحران هي آهي ته مزدورن جي ڪا به سياسي پارٽي موجود  ناهي ۽ نه ئي ڪنهن  ٽريڊ يونين جو بنياد ايترو وسيع آهي جو اها پورهيتن جي مختلف حصن سان گڏ جي نمائندگي ڪري سگهي. وڏين ٽن پارٽين کان سواءِ جيڪڏهن ڪو متبادل آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنجاب ۾ ته اهي مذهبي جنوني قوتون آهن جن جو خيبرپختونخواهه ۾ به وسيع حلقو موجود آهي جڏهن ته سنڌ ۾ به سندن اثر رسوخ وڌي رهيو آهي.

معاشي ۽ سياسي بحران مختلف قسم جي سماجي بحرانن جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن. لاتعلقي عروج تي آهي. تشدد ۽ ڏوهه وڌي رهيا  آهن. عدم برداشت هڪ معمول آهي.سائنسي سوچ جي جاءِ تي وهم پرستي، سازشي نظريا، جادو ۽ تعويذن جو استعمال وڌي رهيو آهي.

ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي سياسي معيشت اهڙي ئي آهي جنهن انهن سماجي بحرانن کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو آهي. عوام جي اڪثريت هڪ مونجهاري  ۾ مبتلا آهي.پورهيت طبقو ته ڇا ، وچولو طبقو ۽ خوشحال طبقو به  ڪنهن  اميد جي ڳالهه نٿو ڪري. هر ڪو مايوسيءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

اهڙي صورت ۾ ماحوليات، ويسٽ مئنيجمينٽ جو فقدان، آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ، شهري سهولتن جي عدم فراهمي، صنفي برابري ۽ ان قسم جا ٻيا ڪيترائي سوال مٿين بحرانن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي رهيا آهن. انهن بحرانن کي نه ته  موجوده حڪومتون ختم ڪري سگهن ٿيون ۽ نه مستقبل جون اهي حڪومتون جيڪي  نيو لبرل ايجنڊا (پرائيويٽائيزيشن، ڊي ريگيوليشن، سبسڊيز جي خاتمي، واپاري ٽيرف  جي خاتمي) تي قائم رهنديون،

پاڪستان جو حڪمران طبقو مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي. هن طبقي رياست کي سوڙهي گهٽي ۾ پهچائي  ڇڏيو آهي. تنهنڪري رڳو حڪومتن جي تبديليءَ سان بحران حل نه ٿيندو، حڪمران طبقي کي تبديل ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته بحران جو شڪار حڪومت نه پر سرمائيدار رياست ان بحران ۾ مبتلا  آهي.

پورهيت طبقي کي پنهنجو حڪمرانيءَ جو حق حاصل ڪرڻو پوندو. ان کان گهٽ ڪو به ”حل“ بحران کي وڌيڪ وڌائيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.