بي روزگار عمران جا نوان نوان ناٽڪ

محمد خان سيال

اھو عام تاثر آھي ته اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراھ  عمران خان نيازي پاڪستان جي 75 ورھين جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو وزيراعظم طور قومي اسيمبليءَ طرفان ووٽن ذريعي ھٽائڻ کانپوءِ، سندس بار بار اختلافي بيانن مان لڳي ٿو ته ويچارو بي روزگار ۽ دکدائڪ مان ٿي ويو آھي ۽ ھاڻي ٻيھر روزگار حاصل ڪرڻ يعني وزيراعظم بڻجڻ لاءِ ھر ڏھاڙي نوان نوان ناٽڪ رچائيندو  رھي ٿو پر لڳي ٿو ته کيس ڪاميابي نصيب ڪونه ٿيندي.

تازو عمران خان نيازي، پشاور ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي جنھن ۾ صحافي کانئس سوال پڇيو ته عمران خان ڪاوڙ ۾ اچي پريس ڪانفرنس کي ڇڏي ھليو ويو ۽ صحافيءَ کي به گھٽ وڌ ڳالھائيندو رھيو. صحافيءَ کانئس سوال پڇيو ھو: ماڻھو اوھان کي ووٽ ڏين ٿا ۽ اوھان سان گڏ به وڃن ٿا پر ماڻھن نه ته وزيراعظم ھائوس جون ڀتيون ڪرندي ڏٺيون آھن، نه ئي گورنر ھائوس جون ڀتيون ڪريون آھن ۽ نه ئي چيف منسٽرس ھائوس ۾ يونيورسٽي ٺھندي ڏٺي آھي ۽ نه ماڻھن چورن کي ٽنگيندي ڏٺو آھي. اوھان جهڙن ماڻھن کي ٻيھر ”انگيج“ ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ چڙھائي ڪرڻ ويندئو ته ڪھڙو نئون نعرو  ھوندو؟ عمران خان نيازيءَ صحافيءَ کي چيو ته اوھان غلط ڳالھيون ڪيون آھن ۽ پوءِ بائيڪاٽ ڪري ھليو ويو. بھرحال، منھنجي ليکڪ طور راءِ آھي ته صحافي جيڪي حوالا ڏنا آھن تن بابت عمران اڳ اھڙا وعدا ڪندو رھيو ھو پر اقتدار ۾ اچي انھن وعدن  تي عمل ڪونه ڪيائين.

  جيو نيوز موجب اسلام آباد مارچ دوران سندس ڪارڪن وڏي انگ ۾ روڊن تي ڪونه آيا ھئا تنھن ڪري قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن تي ڏمرجي پيو ھو. اھا ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته عمران خان  ڇھن ڏينھن جي ڏيڊلائين ڏني آھي ته اسيمبليون ٽوڙيون وڃن نه ته سڄي ملڪ جا ڪارڪن  اسلام آباد ۾ آڻيندس. اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته عمران، صلاح کانسواءِ پنھنجي طرفان  6 ڏينھن جي ڊيڊلائين ڏني آھي  تنھن ڪري ڪارڪنن کي سندس فيصلي تي ڳڻتي آھي.

گهرو وفاقي وزير راڻا ثناءَالله جيو نيوز موجب اعلان ڪندي ٻڌايو ته عمران خان کي ھن ڀيري اٽڪ پل پاس ڪرڻ ڪونه ڏينداسون. سندس چواڻي ھيليڪاپٽر ذريعي  اسلام آباد اچي ته الڳ معاملو آھي ۽ ڊي چوڪ اچڻ جون وڏيون  وڏيون ٻٽاڪون ھڻي رھيو ھو پر آيو ڪونه.

اھا اچرج جهڙي ڳالھه آھي ته ميڊيا موجب ھڪ طرف اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ  جي سربراھ عمران خان نيازيءَ پنھنجي اعلان باوجود اسلام آباد جي ڊي چوڪ واري جاءِ تي پھچڻ کان اڳ ”آزادي مارچ“وارو ڌرڻو ختم ڪري ھليو ويو ۽ ھاڻي وري نئون اعلان ڪيو اٿس ته مان اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ ۽ عام چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينھن جو نوٽيس ڏيان ٿو نه ته 20 لک ماڻھو گڏ ڪندس.

منھنجي سينيئر صحافي طور ڇنڊڇاڻ آھي ته عمران خان رڳو وڏين وڏين دعوائڻ جو بھانو بڻائي وفاقي سرڪار تي ”اسٽيبلشمنٽ“ ذريعي ٻيھر قبضو ڪرڻ چاھي ٿو جڏھن ته عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ھن ڪجهھ به ناھي ڪيو. ھا، البت پوڻن چئن ورھين جي دور ۾ وزيراعظم طور لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻي، ڪروڙن غريبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيوھئائين. سندس رويي مان لڳي ٿو ته کيس عوام جي ڀلائيءَ جي ٽڪو به ڳڻتي ڪانھي. فيسبوڪ تي سندس حامين جن مان ڪيترا ڪوڙن نالن سان پوسٽنگس ڪن ٿا پر مون سندس سڀني حامين کان ڪيترا ڀيرا پڇيو آھي ته مھرباني ڪري ٻڌايو ته عمران چئن ورھين جي حڪومت ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندي پر عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪو ڪارنامو ڪيو ھجي ته ھڪ اھم واقعو کڻي ٻڌايو ته ھو جواب بلڪل نٿا ڏين ڇاڪاڻ ته کين خبر آھي ته عمران رڳو قوم لاءِ مھانگائيءَ ۽ وڻندڙ بيانن جا لاڳيتا طوفان آڻي سندن کلون لاھي ڇڏيون آھن پر مون کي پوءِ به اچرج آھي ته ڪيترا ماڻھو، سندس عوام دشمن پاليسين جي باوجود سندس پٺڀرائي ڪندا رھن ٿا. آخر ڇو؟ ٿي سگهي ٿو ته اھي عمران جي مخالف يعني حڪمرانن سان نفرت ڪندا ھجن ۽ شايد انھيءَ ڪري عمران جي عوام دشمن پاليسين باوجود سندس کليو کلايو پٺڀرائي به ڪن ٿا. ٻيو اھو به اھم سبب ٿي سگهي ٿو ته عمران خان نيازي پنھنجا وڻندڙ بيان جاري رکندو اچي ٿو ۽ ماڻھن کي رڳو ڏٽا ڏيندو رھندو آھي تنھنڪري ڪيترا ملڪ جي ڀلائيءَ جي آسري ۾ سندس پٺڀرائي سڌي يا اڻسڌي ريت ڪندا رھندا آھن پر انھن جو انگ وڏو ناھي.

ائين لڳي ٿو ته عمران خان نيازي پنھنجن عام جلسن ۾ ڪيترا ماڻھن کي سڌي يا اڻ سڌي ريت سفارشون ڪري ۽ ڏٽا ئي ڪٺا ڪندو رھندو آھي پر پوءِ به عوام جي انگ بابت جيڏي دعوى ڪندو رھندو آھي انھن کان انگ گهڻو گهٽ ھوندو آھي. جيڪڏھن ڳُوڙھو ويچار ڪجي ته اھا سچائي آھي  ته عمران خان نيازي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ بي روزگاري آڻي ڪروڙن ماڻھن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي. اھا ڳالھ سندس  حامي شايد نٿا سوچين. عمران خان نيازي پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تازو ڄاڻايو آھي ته  مون کي پنھنجي قوم جو خيال نه ھجي ھا ته مان اتي ويھي رھان ھا ته گهڻو خون جو آزار ٿئي ھا ۽ سندس اھا به دعوى آھي اسٽيبلشمنٽ جي ڪنھن به ٺاھ ھيٺ آزادي مارچ ختم ناھي ڪيم. تازو اسلام آباد ۾  وڃي، وڏن وڏن اعلانن باوجود، عمران خان نيازي، ٻيڙو ھلائي نه سگهيو ۽ ھاڻي وري ڇھن ڏينھن جي گڏجاڻيءَ جو اعلان ڪيو اٿس ۽ سندس چواڻي 20 لک ماڻھو گڏ ٿيندا. اسان جي ايمانداريءَ جي راءِ آھي، اھو وڏو دوکو آھي. ٻيو ته ٺھيو وفاقي گهرو وزير  ثناءِالله سندس بيان پڙھي چيو ھو ته 20 لکن بدران رڳو 6 لک ماڻھو گڏ ڪري ته اسان کيس مڃينداسون

بھرحال، اڳ به عمران خان  مختلف عام جلسن ۾ توڙي الڳ الڳ وڏيون وڏيون دعوائون ڪندو رھندو آھي. ميڊيا انھيءَ سلسلي ۾ ڪيترا بيان ڇاپي پڇيو ھو ته جتي اٽڪل60 ھزار ماڻھن جي گنجائش ھئي اتي لکن ماڻھن جي موجودگيءَ جي دعوى جو اعلان ڇو ڪيو ويو؟ ھاڻي به اسلام آباد جي ايندڙ گڏجاڻيءَ ۾ ويھن لک حامين جو اعلان ڪيو اٿس، منھنجي راءِ آھي ته اھا کليو کلائي ٻٽاڪ آھي جنھنجو سچائيءَ سان پري جو ڪو به واسطو ڪونھي تڏھن ته گهرو وزير کيس ڇھن لکن جي گڏ ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو آھي. نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي چواڻي عمران خان پاران 6 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيڻ شرمندگي کان بچڻ جو بهانو آهي جڏھن ته عمران خان 20 هزار ماڻهو به گڏ ڪري ڪونه سگهيو آھي. قوم ڏٺو آھي ته اهو انقلاب نه پر فساد آھي.

آءِ ايم ايف جي شرطن آڏو وفاقي سرڪار مجبور ٿي تازو تيل جي اگھن ۾ 30 رپين جي واڌ ڪئي وئي آھي. اصل ۾ عمران خان جو انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ٺاھ ٿيل آھي جنھن کي ھاڻوڪي وفاقي سرڪار، وڏي رقم جي ادائيگيءَ عيوض رد نٿي ڪري سگهي. آءِ ايم ايف اعلان موجب  پاڪستان جي وفد کي ٻڌايو ته جيڪڏھن اوھان 30 رپيا پيٽرول ۾ نه وڌائيندا ته  اسان جي طرفان قسط بند ڪريو. اصل ۾ اھا مھانگائيءَ عمران جي ٺاھ جو نتيجو آھي پر سندس اڳوڻو وزير  فيصل واوڊا جيڪو عمران خان سرڪار ۾ وزيرطور بدتميزيءَ جا کوڙ بيان جاري ڪندو رھندو ھو تنھنجي چواڻي وفاقي سرڪار اٽڪل ڏيڍ مھينو رھي آھي تنھن وڏي مھانگائي ڪئي آھي. کيس اھو مڃيندو شايد شرم اچي ٿو ته اصل ٺاھ ته عمران خان نيازيءَ جو آءِ ايم ايف سان ٿيل آھي ۽ ان کي ختم به نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته وڏي رقم ادا ڪرڻي پوندي ۽ ايڏي وڏي رقم وفاقي سرڪار وٽ بنھه ناھي.

بھرحال، منھنجي اھا اڳڪٿي آھي ته عمران خان جيڪو پاڻ ”سليڪٽيڊ“ طور وزيراعظم بڻيو ھو سو ٻيھر وزيراعظم نه بڻبو ڇاڪاڻ ته پوڻن چئن سالن ۾ سندس پاليسيون ڳاٽي مھانگائيءَ واريون ۽ عوام دشمن رھيون آھن. پر ڪن ماڻھن اھا دعوى ڪئي آھي ته اسٽيبلشمنٽ چاھي ٿي ته عمران خان جي آندل ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ تي عمل، ھاڻوڪي وفاقي اتحادي سرڪار ڪري جنھن کي اڳتي ھلي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيندي ۽ پوءِ عمران کي ٻيھر آڻيندا. بھرحال، اسٽيبلشمنٽ جي ڪارروائي عام طور عوام جي فائدي ۾ ڪونه ھوندي آھي.

ميڊيا جي دعوى آھي ته: پي ٽي آءِ اصل آزادي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف بھانا ڳوليندي رھي ٿي. پھريون سبب: عمران خان اسلام آباد جي متاثر ن جي انگ کي ماڻھن وٽ آڻڻ ۾ ناڪامياب رھيو. ٻيو سبب:  سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙيءَ جي حوالي سان انھن کي عدالت طرفان امڪاني ڪارروائيءَ جو ڊپ ھو. ٽيون سبب: سرڪار جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي نتيجي ۾ ريڊ زون ۾ فوج مقرر ڪئي وئي ھئي. خميس تي صبح جو پنھنجي تقرير ۾ عمران خان مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ 6 ڏينھن جي ايندڙ ”ڊيڊلائين“ ڏني. سندس چواڻي: حڪومت چاھي ٿي ته پي ٽي آءِ، فوج ۽ پوليس جي وچ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿئي ۽ اھو ائين ٿيڻ نه ڏيندو. سندس دعوى آھي ته سرڪار ”انارڪي“ چاھي ٿي.

منھنجي ڇنڊڇاڻ آھي ته عمران خان نيازيءَ کي خبر پئجي وئي آھي ته سندس مقبوليٽ گهڻو گهٽجي وئي آھي پر سندس مان سچائي مڃڻ  جي اميد ناھي، سو بار بار بيان ڏئي ماڻھن کي گمراھ ڪرن جي ڪوشش ڪندو رھندو. سندس دعوى آھي ته مقرر وقت کان اڳ اليڪشن ٿين ته جيئن ماڻھن کي ڏٽا ڏئي، وڏيڪ ووٽ حاصل ڪري سگهي ۽ اسٽيبلشمنٽ جي امڪاني مدد سان ٻيھر اقتدار ۾ اچي پر منھنجي خيال ۾ عمران خان اقتدار ۾ ڪونه ايندو جنھن ۾ عوام جي به ڀلائي سمايل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.