سچل ۾ نينگري کي کنڀڻ جي ڪوشش،ڪهاڙيون هڻي 3 ڄڻا زخمي

گلشن اقبال (ن ع آ)  سچل ٿاڻي جي حد ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ سنڌ آباد ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ 14 سالن جي نياڻي جي شادي  لاء ھٿيار بند جوابدارن نظير احمد جمالي، سڪندر جمالي، سمندر جمالي ۽ٻين جوابدارن سان گڏجي 14 سالن جي معصوم نياڻي ڪريمه بي بي کي زوري شادي لاء کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته گھر ڀاتين جي مزاحمت تي جوابدارن لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري نياڻي جي وارثن عبدالرشيد جمالي، لياقت علي جمالي، برڪت علي جمالي کي سخت زخمي ڪري وڌو، صحافين اڳيان دانھيندي لياقت علي جمالي چيو ته اسان زخمي حالت ۾ دانھن کڻي سچل ٿاڻي وياسين پر سچل ڳوٺ پوليس اهلڪارن ميڊيڪل لاء روانو ڪري ڇڏيو پر جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ڪونه آهي هنن جو چوڻ هو ته اسان وزير آعلى سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس کي اپيل ڪيون ٿا ته جوابدارن خلاف سخت ڪارائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.