ميهڙ لڳ گهر تي چڙهائي ۽ عورت جي تذليل جو نوٽيس، 3 اهلڪار معطل

ميھڙ (ن ع آ) ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي اي ایس آء ۽ ٻين پولیس اھلڪارن گھر تي چڙھائي ڪري ھڪ خاتون سان بد ڪلامي ڪرڻ واري  ويڊيو وائرل ٿيڻ واري خبر ھلڻ جو ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي ڇڏيو ایس ایس پي دادو عرفان علي سمون ويڊيو ۾ نظر ايندڙ ایس آء سميت ٽن پوليس اھلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ انڪوائري ٽيم پڻ مقرر ڪري ڇڏي آھي ایس ایس پي دادو عرفان علي سمون ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي اي ایس آء غلام مصطفي سولنگي، پوليس اھلڪار 3136 گلزار علي ۽ ڪانسٽيبل 753 ارشاد علي کي معطل ڪري پولیس لائن رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڏيو جڏنھن ته ایس ایس پي دادو ھن معاملي جي وڌيڪ انڪوائري ٽيم مقرر ڪري ڊي ایس پي دادو سٽي عبدالخالق وڳڻ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري رپورٽ پیش ڪرڻ جي ھدايت پڻ ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.