ملڪ ۾ ٺھندڙ ناڪارا گاڏيون ۽ غير محفوظ سفر

اعتزاز احمد چانگ

اسين اھڙي سماج ۾ رھون ٿا جتي انساني جانين کان وڌيڪ پئسي ۽ شين کي اھميت ڏني ويندي آھي. اسين لکين رپيا خرچ ڪري جڏھن ڪا گاڏي وٺي ايندا آھيون ته صرف ڪمپني جو نالو ڏسندا آھيون. اسان لاءِ  ان جو معيار ۽ ان جي جوڙجڪ ڪو خاص اثر ناھي وجھندي. نتيجي ۾ اسان کي لکين رپين عيوض اکين ۾ ڌوڙ وڌي ويندي آھي. اسان جي ملڪ جي صنعتڪارن کي پنھنجي فائدي ڪمائڻ کانسواءِ ڪجهھ به نظر ناھي ايندو. اھي فقط پنھنجو مفاد ڏسندا آھن. انھن لاءِ  ڪنھن انسان جي حياتي ڪنھن جانور کان وڌيڪ اھم نٿي رھي. اھڙو ئي حال اسان جي حڪمرانن جو آھي جيڪي ڪرپشن ڪري پنھنجو گھر ڀري پنهنجي اولاد کي جديد تعليم سان گڏوگڏ جديد گاڏيون ته مھيا ڪندا آھن پر عوام لاءِ  اھڙو ناسور پيدا ڪندا آھن جو ھو نڪي جيئڻ جي قابل رھندا آھن نڪي مري سگھندا آھن.

ڳالهھ ڪجي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي ته جڏھن به ڪا ڪمپني گاڏي ٺاھي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو سوچيندي آھي ته کيس ڪيترن ئي امتحاني مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. گاڏي ۾ سوار مسافرن لاءِ  کنيل حفاظتي قدمن کان ويندي گاڏي ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل جو معيار پڻ پرکيو ويندو آھي. انجڻ جي چڪاس، ٽائرن جي چڪاس کان ويندي ھر ھڪ شئي کي ماھرن جي ٽيم جي سخت نگھداشت ھيٺ پرکيو ويندو آھي. پوءِ جڏھن اھا گاڏي روڊ تي ايندي آھي ته حادثن جي صورت ۾ انساني جانين کي گھڻي ڀاڱي محفوظ رکڻ سان گڏوگڏ گاڏي جو پنھنجو نقصان به ڪافي گھٽ ٿيندو آھي. پر اسان جي ملڪ جي گاڏين تي جڏھن نظر پوي ٿي ته حالتون گھڻي ڀاڱي مختلف نظر اچن ٿيون. وڏي کان وڏي گاڏي کان ويندي ننڍين گاڏين کي به جڏھن ڪو حادثو پيش اچي ٿو ته نڪي گاڏي محفوظ رھي ٿي نڪي مسافر محفوظ رھن ٿا. گاڏي جي حالت اھڙي به ڏسڻ کان ملي ٿي جو ڪمپني خود انھي گاڏي کي ٻيھر ٺاھڻ لائق نٿي سمجھي.

اسان جي ملڪ جا جيتري قدر روڊ موت مار آھن. اوترو ئي حادثن جا ذميوار اسان جا صنعتڪار پڻ آھن. ان سان گڏ سندن پٺ ڀرائي ڪندڙ اسان جا حڪمران جيڪي چند پئسن عيوض ھزارين جانين جي قربانين جا ذميوار بڻجي ويندا آھن. جيتوڻيڪ ملڪ جو ھر ادارو ڪرپشن ۽ نااھلي جي ور چڙھيل آھي، پر ملڪ جي آٽو موبائيل انڊسٽري جي مٿان معيار چيڪ ڪرڻ لاءِ  ڪوبه ادارو قائم ناھي ڪيو ويو. جنھن سبب ملڪ اندر وڪرو ٿيندڙ گاڏين جو معيار اھڙو آھي جو سندن باڊي لاءِ  استعمال ٿيندڙ لوھ جي چادر مُڪ ھڻڻ سان اندر لھي وڃي ٿي، ٽائر وڏين گاڏين جا به رڪشا جي ٽائرن کان وڏا ڪين اچن ٿا ۽ مسافرن لاءِ  کنيل حفاظتي قدم نه ھئڻ برابر نظر اچن ٿا. جڏھن سندن قيمتن کي ڏٺو وڃي ٿو ته ھر روز قيمتن ۾ لکين رپين جو اضافو ڪيو وڃي ٿو. جنھن گاڏي جي سال اڳ قيمت ڏھ لک رپيا ھئي سا اڄ بليڪ تي ارڙهن کان اوڻويهھ لک ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. حڪومت فقط ڪمپنين کان ٽيڪس اُڳاڙي ڪرڻ جي چڪر ۾ رھي ٿي، جيڪو وزن پڻ گاڏيون خريد ڪندڙ عوام تي پوي ٿو. اھي ساڳيون گاڏيون جڏھن روڊ تي اچن ٿيون ته حادثن جو سبب بڻجن ٿيون، نتيجي ۾ عوام جون جانيون محفوظ نٿيون رھن. اسان جي ملڪ ۾ ٺھندڙ گاڏين جي جيڪڏھن ساڳي قيمت ۾ وڪرو ٿيندڙ ساڳي ڪمپني جي جاپاني  گاڏين سان ڀيٽ ڪجي ٿي ته ڏينھن ۽ رات جيترو فرق محسوس ٿئي ٿو. جاپاني گاڏين ۾ ھر ھڪ سھولت نظر اچي ٿي ۽ سندن استعمال ٿيندڙ مٽيريل جو معيار تمام بھتر نظر اچي ٿو. انھي جو اندازو ٻنھي گاڏين جي وزن ڪرڻ سان ۽ ٽائرن جي ماپ ڪرڻ سان ئي معلوم ٿيو وڃي. ته پوءِ ڪھڙو سبب آھي جنھن جي ڪري اسان جي ملڪ جون گاڏيون ايتريون ناقص طريقي سان ٺاھيون وڃن ٿيون؟

 تازو ئي قاضي احمد لڳ گاڏي سان پيش آيل حادثي تي سرسري نظر وجھي ڏسجي ته اندازو ٿئي ٿو مارڪيٽ ۾ ايندڙ  گاڏين جو حال ڪھڙو آھي. گاڏي جي انجڻ ٿورو زور پوڻ سان باھ ۾ وڪوڙجي وڃي ٿي. گاڏي جي ھلندي ڪنھن ٽرڪ يا بس جو گذر ٿيڻ سان گاڏي لڏڻ شروع ڪري ڇڏيندي آھي. حادثي جي صورت ۾ نڪي ڊرائيور جي بچاءُ لاءِ  ڪي اپاءُ ورتا ويا آھن نڪي پوئين سيٽ تي ويٺل ڪنھن مسافر لاءِ . وڏي ڳالھ ھي آھي ته گاڏي جي پنچر ٿيڻ جي صورت  ۾ سورنهن کان سترنهن لک جي گاڏي ۾ واڌو ٽائر موجود ئي ناھي. ان ھوندي به پوئين سال ۾ ڪمپني جي گاڏي وڪري جا پنھنجا ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ھئا. ھڪ مھيني ۾ چيو پئي ويو ته گاڏي جا پنجاھ ھزار يونٽ وڪرو ٿي چڪا آھن. گاڏي جي ايتري ته ڊمانڊ آھي جو ڪمپني جي قيمت کان ٻه کان اڍائي لک رپيا مٿي وڪرو ڪئي پئي وڃي.

 اھڙي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ  سرڪار پاران ڪي به اپاءُ نه پيا ورتا وڃن. جديد دور ۾ به اسان کي لکين رپيا ڀرڻ کان پوءِ به ٽين جو دٻو ھٿ ۾ ڏنو وڃي ٿو ۽ اسين بس انھي دٻي سان سيلفي رکي خوش ٿيڻ کانسواءِ ڪجھ ڪرڻ لاءِ  تيار ئي ناھيون. اسان لاءِ  پئسن کان وڌيڪ پنھنجي سھولت کي ترجيح ڏيڻ ضرور گھرجي پر اسان کي اھيو پڻ ڏسڻ گھرجي ته ڇا اسين جنھن گاڏي ۾ ويٺا آھيون ڇا انھي گاڏي ۾ اسين ۽ اسان جا پيارا محفوظ آھيون يا نه؟ اسان کي بحيثيت قوم پنھنجو فرض نڀائڻ جي پڻ ضرورت آھي. حڪومت کي اھڙي قسم جي ڪمپنين جي خلاف قدم کڻڻ گھرجن، پر ان کان ھڪ اھڙو ادارو قائم ڪرڻ جي ضرورت آھي جيڪو جديد ضرور پٽاندر گاڏين جي چڪاس ڪرڻ کانپوءِ ڪمپني کي گاڏي روڊ تي آڻڻ جو اجازت نامو جاري ڪري. ان کان علاوه گاڏين جي قيمت کان وڌيڪ غير قانوني طور لکين رپيا اُڳاڙيندڙ شوروم مافيا خلاف پڻ حڪومت کي ميدان عمل ۾ اچڻ جي ضرورت آھي. انھيءَ سان عوام جا لکين رپيا بچي سگھندا، گڏوگڏ ھزارين انساني جانيون پڻ محفوظ رھي سگھنديون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.