عوام ۾ ورهاست خطرناڪ رخ اختيار ڪري وئي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته عوام ملڪ ۾ اسلامي نظام کي نافذ ڪرڻ لاءِ جماعت اسلامي جي  جدوجهد جو ساٿ ڏي،اليڪشن ۾ سڌارا مسئلن جو حل شفاف چونڊون آهن، عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ ڦاٿل آهي. ٽنهي وڏين پارٽين جي دور ۾ مسئلا گهٽجڻ بدران وڌيا آهن. سياسي پارٽين کي پنهنجي ڏاهپ جو ثبوت ڏيڻو پوندو. اليڪٽيبلز جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي. جاگيردارن، وڏيرن ۽ ڪرپٽ سرمائيدارن اقتدار ۾ رهي پنهنجي اولاد لاءِ دولت گڏ ڪئي. تيمرگره تعلقه ۾ عيد الفطر جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته  عوام ۾ ورهاست خطرناڪ رخ اختيار ڪري چڪي آهي ۽ اها هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهي آهي انتهائي ورهايل سياسي ماحول ۾ سمورا سياسي اڳواڻ.سياسي ماحول جي خراب ٿيڻ جي باري ۾ حقيقي طور تي پريشان ٿيڻ گهرجي. سياسي پارٽين کي سنجيدگيءَ جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي  ۽ سياست مان گا گند جو ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.