حڪومت جو عمران خان جي ٻاهرين سازش جي الزامن تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان ٻاهرين سازش جي الزامن تي انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته انڪوائري ڪميشن اڻ ڌري هوندي، جيڪي شفاف طريقي سان الزامن جي جاچ ڪندي ۽ ڪميشن طرفان جيڪو به فيصلو  ٿيندو، ان کانپوءِ جن ماڻهن ملڪ کي ڪوڙي سياست لاءِ استعمال ڪيو، کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

هن چيو ته انڪوائري ڪميشن لاءِ اهڙو سربراهه مقرر ڪيو ويندو، جنهن تي ڪير به آڱر نه کڻي سگهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهو ٻاهرين سازش جو پٽڪو نه گوگي بچايو جو ماتم آهي، معاشي دهشتگرد، معاشي بارودي سرنگهون وڇائيندڙ نالائقي جو ماتم ڪري رهيا آهن، سازشي ٽولي 4 سال ملڪ کي لٽيو ۽ عوام خلاف سازش ڪئي.

مريم اورنگزيب چيو ته تباهه معيشت، بيروزگاري، بدترين مهانگائي جو سبب عمران صاحب جي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ آهي، عمران خان جي دور ۾ اٽو، کند، گيهه، دوائون ۽ ڀاڻ جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.