قمبر: درگاهه عاليا حسين آباد ۾ عيد نماز جو عظيم الشان اجتماع

قمبر ۾ عيدالفطر جي نماز جا مختلف هنڌن تي اجتماع ٿيا. درگاهه حسين آباد، جناح باغ، مرڪزي امام بارگاهه، عيدگاهن کانسواءِ مسجدن ۾ پڻ عيد نماز پڙهي وئي. درگاهه عاليا حسين آباد ۾ الحاج سيد غلام حسين شاهه بخاري خطاب ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڻ سڳورن جي ڏسيل واٽ تي هلي اسان ڪامياب زندگي گذاري سگهون ٿا. اسلام اسان کي قبر سيکاري ٿو. هن چيو ته عيد جي ڏهاڙي تي غريب مسڪين پاڙيسرين جو خاص خيال رکڻ گهرجي. آخر ۾ پاڪستان ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ دعائون گهريون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.