شريفن تاريخ مان سبق نه سکيو:پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهيءَ عمران خان  خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته مسجد نبوي واقعي سان عمران خان جو ڪهڙو تعلق آهي،فسطائي حڪومت جو عمران خان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ نهايت ڪريل حرڪت آهي.هن چيو ته شريفن نه تاريخ مان سبق سکيو نه ئي پنهنجي حرڪتن کان باز آيا، واقعي  واري رات عمران خان ۽ سندس ڪارڪن شب دعا ۾ مصروف هئا.مونس الاهي جو چوڻ آهي ته انتقامي سياست کي شريف ڀائرن پنهنجو وڙ بڻائي ڇڏيو، هو  انتقامي ڪاررواين کان پاسو ڪن.هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت مذهب ڪارڊ کيڏي خطرناڪ قدم کڻي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.