سنڌ ۽ مهاجر ڪارڊ وکر بڻجي ويو، پ پ- ايم ڪيو ايم جهيڙو ڊرامو آهي:ايازلطيف

اسلام ڪوٽ (ن ع آ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته وسيلن جي ڦرلٽ حڪمرانن جي ايجنڊا رھي آهي، ڪارونجهر، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪيو ويندو، عدالتون سنڌ جي  ترقياتي منصوبن ۾ ڦرلٽ جو نوٽيس وٺي حساب وٺن.اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام ڪوٽ ۾ ڪارونجھر بچايو ۽ وسيلا بچايو جلسي کي خطاب دوران ڪيو. اياز لطيف چيو ته ٿر جي ٻارن لاءِ نه ماني آهي نه پاڻي نه تعليم ۽ نه رهائش آهي، ٿر، ڪاڇي ۽ ناري ۾ بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن.هن چيو ته پ پ  کي سنڌ غنيمت ۾ ملي آھي، جيڪا اقتدار لاءِ سنڌ جي پاڻي، تيل، گئس، ڪوئلي، ٻيٽن، سامونڊي پٽي، ڪوھستان، ڪارونجھر، گورک ۽ ٻين وسيلن جا سودا ڪري رھي آھي، هن چيو ته  زرداري کي ڪنھن به قيمت تي اقتدار ۽ پئسا گھرجن، پ پ لاءِ قوم، وطن ۽ ڌرتي جا وسيلا ڪا به معني نه ٿا رکن.زراعت کي تباھ ڪندڙ هارين جا چيمپيئن نه بڻجن.هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، اليڪشن ويجھو ايندي هنن پنھنجي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن۔ڪارڪردگي کي لڪائڻ لاءِ نفرت جي راند شروع ڪئي آھي، پ پ سنڌ ڪارڊ ۽ ايم ڪيو ايم وارا مھاجر ڪارڊ کيڏڻ جو ڊرامو ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جو حصو ۽ اسان جا ڀائر آھن، ٻنهي طرفن کان زهريلي بيانن، لسانيت ۽ تعصب کي رد ڪيون ٿا. اسان کي گڏ رهڻو آهي ۽ گڏ مرڻو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ اسان سڀني جي آهي، خصيص عارضي مفادن لاءِ دائمي نفرت نه پکيڙيو،سنڌ اسان سڀني جي ماءُ آھي، نفرت جي سياست ڪندڙ ڪنھن جا به دوست ناھن. هن چيو ته جيڪي سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالھه ڪن ٿا، دراصل اھي ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهھ ڪن ٿا، اھي عالمي طاقتن جي ھدايتن تي ڪم ڪن ٿا، اھي پاڪستان ۽ سنڌ جا دوست ناھن، اھي جيترا سنڌين جا دشمن آھن، ايترا اردو، پنجابي، پٺاڻ، سرائيڪي ۽ ٻين جا دشمن آھن. هن وڌيڪ چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان تي ٺٺول ٿي آهي، وزيراعظم ٻڌائي ته ڪرپشن ۾ ڇو واڌ ٿي؟.جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي زراعت، ميرٽ ۽ ادارا تباھ ڪيا ويا آهن روزگار جا موقعا ختم ٿي رهيا آهن، تعليم تباھ ٿي رهي آهي، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي حڪم تي ملڪ کي تباھ ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته مڪاني حڪومتن جو نظام عوام جي مفاد ۾ هجڻ گهرجي، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عورتن ۽ اقليتن کي برابري جا حق ڏنا وڃن.ايڊووڪيٽ شاھنواز ھڱورجو چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي سبب عوام پريشان آهي دنيا ۾ حڪمران تعليم، صحت، سائنس، روزگار جي وسيلن ذريعي اڳتي وڌي رھيا آھن، پر اسان وٽ ڪرپٽ ماڻھن حڪمراني کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي. خراب ۽ ڪرپٽ حڪمراني وڏو مسئلو آھي، جنھن ڪري عام ماڻھو انصاف، روزگار، تعليم، صحت ۽ بنيادي انساني حقن کان محروم آهن.سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي چيو ته غربت، بيروزگاري ۽ ڪرپشن جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي، 18ھين ترميم تحت سمورا کاتا صوبن حوالي آھن پر پ پ حڪومت صوبائي خومختياري کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي.هن چيو ته تعليم، صحت، فشريز، بلديات، اريگيشن، روينيو، گھرو، ٽرانسپورٽ، ثقافت سميت ھر کاتو ڪرپشن ۾ ٻي کاتي کي مات ڏئي رھيو آھي.سنڌ ۾ 13 سالن ۾ ڪرپشن ھيٺين سطح تائين پھچي وئي آھي.جڏهن ته منان شيخ ،زاھد گل اوٺو، سنڌياڻي تحريڪ جي ناھيد جوڳي،شوڪت تنيو، سبحان بجير، پرشوتم پرمار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.