اڪري ۾ شاگردن جو نائين ۽ ڏهين درجي جي امتحاني في وٺڻ خلاف احتجاج

اڪري چودڳي (ن ع آ) سکر بورڊ طرفان نائين ۽ ڏھين درجي جي امتحاني في وٺڻ خلاف اڪري چودڳي جي گورنمينٽ بوائز ايليمنٽري هاءِ اسڪول محمد خان شر جي نائين ۽ ڏھين درجي جي شاگردن پاران اسڪول اندر احتجاج  مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي استاد آفتاب حسين راڄپر، غلام شبير ناريجو، غلام قمبر لاشاري، علي تقي شاهه، سرور نوراني، معشوق علي، عثمان خان، شاگردن علي نواز،  مدثر، نعمت الله، عطاالله، مُبين، عاصمه، ڪشور، اشفاق، صائمه، پاران امتحاني فين وٺڻ خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ غريب ماڻھن جي اولاد کان  تعليم حاصل ڪرڻ جو حق به کسڻ جي ڪوشش پئي ڪري ۽ سنڌ واسين کي جهالت طرف ڌڪيو پيو وڃي، مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آھي غريب پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھن مزدور طبقو پيٽ پالڻ ۾ پريشان آهي ۽ انهيءَ مشڪل حالاتن ۾  سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگردن جا والدين ڳريون فيون ڪيئن ڀري سگهندا ۽ انهن جي ٻارن جي پڙهائي جاري رکڻ ناممڪن بڻجي ويندو هنن چيو ته ڪيترائي شاگرد سالياني امتحاني فيس جيڪا نائين درجي جي 11 سو ۽ڏهين درجي 26 سو روپيا  نه ڀرڻ سبب مجبور ٿي مئٽرڪ جو امتحان به نه ڏئي سگهندا ۽خاص ڪري نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿيندي ڇاڪاڻ سنڌ ۾ پهريائين نياڻين جي تعليم حاصل ڪرڻ جو سيڪڙو تمام گهٽ آهي  پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25 جي مطابق 5 کان 16 سالن تائين جي عمر جي ٻارن جي تعليم مفت آهي پرسکر بورڊ پاران فيس وٺڻ آئين جي خلاف ورزي پڻ آهي احتجاجي شاگردن پاران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ ، وزير تعليم سيد سردار علي شاھ ۽سکر بورڊ جي چيئرمين سميت اقتدار ڌڻين کان مطالبو ڪيو ته سکر بورڊ پاران هڪ دم تعليم دشمن فين وٺڻ وارو فيصلو واپس وٺي سنڌ واسي غريب عوام جي اولاد کي مفت سرڪاري تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ٻيهر واپس ڏنو وڃي ۽شاگردن ۽سندن والدين ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ته جيئن غريب ماڻهن جا ٻار علم جهڙي لازوال دولت کان محروم نه ٿين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.