گادي واري شهر سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

ملڪ جي گادي واري شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلو پيما مرڪز جو چوڻ آهي ته سوات، اپردير، لوئر دير، مالاڪنڊ، مانسهرا، بالاڪوٽ، بٽگرام، تورغر ۽ ٻين علائقن سميت گلگت بلتستان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 6 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي اوناهي 100ڪلوميٽر ۽ مرڪز افغانستان جو تاجڪستان بارڊر هو.

زلزلي سبب شهري گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته هيل تائين زلزلي سبب ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.