گھوٽڪي: ڪارنهن الزام هيٺ گولي هڻي زخمي ڪيل عورت پاران تحفظ ۽ انصاف جي اپيل

گھوٽڪي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ پاران گولي هڻي زخمي ڪيل عورت اعليٰ اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جي گھر ڪئي آهي.

گذريل ڏينهن ٽانوري پلاٽ وٽ ڪارنهن الزام هيٺ زخمي ڪيل عورت 9 ٻارڙن جي ماءُ مسمات خالده سومرو سول اسپتال ۾ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار جاويد ،امان الله ۽ ٻين حملو ڪري منهنجي گهر ۾ مهمان ٿي آيل سڪ جي ڀاءُ اربيلو مهر ۽ مون مٿان هٿيارن جا سڌا فائر ڪري ناحق اربيلو مهر کي قتل ۽ مونکي زخمي ڪيو آهي.

هن چيو ته مڙس اڳ ۾ به تشدد جو نشانو بڻائيندو رهندو هو، سندس خلاف ڪيس به داخل ڪرايو هو، جوابدارن مان ٻارن ۽ منهنجي حياتي کي خطرو آهي، اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.