سکر ۾ مبينا مقابلو ۾ ڏوهاري مارڻ خلاف وڪيلن پاران عدالتي بائيڪاٽ، ڌرڻو

سکر(رپورٽر) سکر پوليس پاران مبينا مقابلو ڄاڻائي ڏوهاري کي مارڻ خلاف سکر جي وڪيلن پاران سيشن ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن جو بائيڪاٽ ڪري ڊسٽرڪٽ بار ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين ايس ايس پي سکر خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ قربان ڪلوڙ، الاهي بخش ميتلو، ظهير بابر ۽ ٻين چيو ته ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ڳوٺاڻي ياسين شيخ کي قتل ڪيو آهي. سندس گرفتاري خلاف اڳ ئي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ پوليس پاران عدالت کي ٻڌايو ويو هو ته کيس گرفتار ناهي ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ياسين شيخ کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي. جيڪڏهن ياسين شيخ ڏوهاري هو ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها. سکر پوليس اڳ به ڪيترائي شهري ۽ ڳوٺاڻا ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي قتل ٿيا آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته سکر پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.