لاڙڪاڻي ۾ 27 فيبروري مارچ ۾ عوامي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اجلاس

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان وفاقي حڪومت جي تڏا ويڙهه لاءِ 27 فيبروري تي ڪراچي مزار قائد کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ۾ عوامي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پي پي پي سنڌ جي صدر صدر نثار احمد کهڙو جي صدارت هيٺ شهر جي بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي سٽي لاڙڪاڻي جي صدر خير محمد شيخ، جنرل سيڪريٽري انور علي نواز لهر، انفارميشن سيڪريٽري وقار علي ڀٽو، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري مير ماجد علي بروهي، سرفراز کوکر، شير محمد لغاري، ڪامران اوڍاڻو، اصغر حسين کچي سميت يونين ڪاميٽيز جي عهديدارن توڙي پي پي پي ليڊيز ونگ، سپاف، يوٿ ونگ، هاري ڪاميٽي ۽ ٻين ذيلي ونگن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پارٽي چيئرمين طرفان اعلانيل مارچ ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي ويندي، جڏهن ته نااهل سليڪٽيڊ حڪومت جي گهر وڃڻ تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي، ڇاڪاڻ جو هن ظالم وفاقي حڪومت ملڪ جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، روز روز پيٽرول، بجلي، گئس سميت عام واهپي جي شين جا اگھ ٻيڻا ڪري عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 27 فيبروري تي شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ۾ لکين عوام شرڪت ڪري وفاقي حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.