هڪ ٻي نياڻي ڊاڪٽر ٿيڻ کان اڳ زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

سنڌ ۾هڪ ڊاڪٽر ٿيندڙ نياڻي سماجي بي حسي جي ڪري پنهنجي زندگيءِ جو انت آڻي ڇڏيو آهي،هي واقعو ظاهري طرح سان آپگهات محسوس ٿي رهيو آهي. گڏوگڏ واقعي جا ٻيا به ڪيترا ئي پاسا اڃان پڌرا ٿيڻا آهن، جنهن کانپوءِ ئي ان جي باري ۾ ڪا پڪي پختي راءِ جڙي سگهي ٿي. هن وقت تائين جي رپورٽ موجب  سيتاروڊ ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي عصمت جميل ذاتي طور بليڪ ميلنگ کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو گولي لڳل لاش سندس گهر مان مليو، سيتا روڊ جي وارڊ نمبر 8 جي رھواسي دڪاندار جميل احمد جي نياڻي ڊاڪٽر عصمت گھر اندر بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.

خودڪشي ڪندڙ شاگردياڻي جي ڀاءُ نادر طور موجب  اسين سڀ گهر ڀاتي ستا پيا هئاسين ته صبع جو اٽڪل 9 وڳي فائر جي آواز تي اٿياسين . اسان ڏٺو ته ڀيڻ ڪمري ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.  پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم بعد واقعي جي نوعيت جو تعين ڪري سگهجي.  پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي موجب ابتدائي طور تي رڳو ايترو چئي سگهجي ٿو ته  ناري کي ويجهي کان گولي لڳل آهي. مان  واقعو آپگهات  لڳي ٿو.اصل ڪارڻ حتمي رپورٽ اچڻ بعد پڌرو ٿيندو.

ٻي طرف شاگردياڻي جو  هڪ خط سامهون آيو آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته “بابا اوهان وڏي خدمت ڪئي پر شمن جي بليڪ ميلنگ جي ڪري آپگهات ڪريان ٿي“. واقعي جي حوالي سان ٻي معلومات اها آهي ته  واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ شاگردياڻي جي والد نالي  جميل، سيتا روڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾  هن موقف اختيار ڪيو ته سندس  ڌيءُ کي جوابدار شمن سولنگي ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي. جوابدار مختلف وقتن تي ڌيءُ کان پئسا به طالب ڪندو رهيو آهي. ان سان لاڳاپيل ان ڪيس جو هڪ ٻيو پاسو هي آهي ته  2 هفتا   شمن سولنگي  نالي شخص کي فائرنگ  جي هڪ واقعي۾ گوليون لڳيون هيون، جنهن کانپوءَ شمن جو خيال هو ته اهو حملو مٿس  اسان ڪرايو هو، جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه اهي. ان جي پس منظر ۾شمن ، شاگردياڻي جي مائٽن کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون هيون.

ويمن پروٽيڪشن سيل جي انچارج بينظير جمالي ۽ سي آءِ اي انچارج اشرف شاهاڻي وارثن جا بيان  رڪارڊ ڪيا آهن ۽ جاچ ٽيم واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار، شاگردياڻي جي ڊائري، ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن

ويمن پروٽيڪشن سيل جي انچارج بينظير جمالي جو چوڻ آهي ته گهڻ رخي جاچ ڪئي ويندي، شاگردياڻي عصمت طور کي بليڪ ميل ڪندڙ گروھ جي هڪ جوابدار لکمير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کي جعلي نڪاح نامي ۾ شاهد طور ڏيکاريو ويو آهي .

جڏهن ته مک جوابدار شمن سولنگي گرفتار نه ٿي سگهيو، شاگردياڻي عصمت جوابدار شمن جي اڪائونٽ ۾ پئسا به ٽرانسفر ڪيا هئا.  شاگردياڻي جي پيءُ خالد جميل جي فرياد تي شمن سولنگي، لکمير ۽ ٻين خلاف اهڙي ايف آءِ آر  داخل ڪئي وئي آهي.

پوليس ڪچي واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ادريس شر کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مک جوابدار شمن سولنگي واري ڌر گهر خالي ڪري فرار ٿي وئي آهي،

عصمت طور، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاھ ۾ ايم بي بي ايس چوٿين سال جي شاگردياڻي هئي، امتحان ڏيڻ بعد 2 ڏينهن پنهنجي ڀاءُ سان گڏ نوابشاهه کان سيتاروڊ آئي هئي، ڪالهه صبح جو پاڻ تي مبينا طور فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

هي واقعو ڪنهن حد تائين منجهيل آهي، ان جي ڪجهه پاسن کي اڃان پڌرو نه ڪيو ويو آهي، جيڪي پوليس جي جاچ ۾ سامهون اچي وڃڻ گهرجن، ان کانپوءِ ئي ان جي اصل سببن جي نشاندهي ٿي سگهي ٿو.ڪيئن به هجي پر اهو واقعو به هن معاشري جي بي حسي جو هڪ مثال آهي.

هڪ اڻ پڙهيل ماڻهون جڏهن پنهنجي زندگيءِ جو انت آڻي ٿو ته ان جي لاءِ ته اهو چئي سگهجي ٿو ته ان وٽ شعور نه هو يا ان کي ڪو ٻيو رستو نظر ئي نه پئي آيو، انڪري  هن اهڙو قدم کنيو، پر جڏهن ڪو پڙهيل لکيل ماڻهون  خودڪشي ڪري ٿو ته پوءِ اهو عام ماڻهون ۾ وڌيڪ مايوسي جو سبب بڻجي ٿو.

خودڪشي  ڪنهن ماڻهون جي  اها ڪيفيت هوندي آهي جڏهن هو زندگيءَ جي هر پاسي کان مايوس ٿي ويندو آهي.ان جا هڪ کان وڌيڪ پهلو ٿين ٿا. هن واقعي کي به هن سماج ۾ ٿيندڙ ٻين واقعن سان ملائي سمجهڻو پوندو.اهڙن واقعن مان اهو اشارو ملي ٿو ته معاشري جو سمورو ڍانچو ڊهي ويو آهي، ماڻهون بظاهر انهن سمورن رشتن مان بيزار ٿي ويو آهي يا وري انت آڻيندڙ ماڻهون جو ذهن  هڪ غير يقيني ڪيفيت ۾ مبتلا آهي.

اها غير يقيني واري ڪيفيت  هن سماج ۾  ننڍ وڏائي جي ڪري، قانون تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري، معاشري ۾ ڏوهارين جي مضبوط ٿيڻ ڪري، انصاف جي اڻ هوند ڪري پيدا ٿئي ٿي.هتي به ان جو اولڙو نظر اچي رهيو آهي.هڪ لکيل پڙهيل نياڻي جي اهڙي نموني  هن حسين زندگيءَ تان هٿ کڻي وڃڻ جي پٺيان، مٽن مائٽن اوڙي پاڙي  پنهنجي ذات جي دائري ۾ ايندڙ ماڻهن جي عمومي روين،سماجي اڻ برابري سميت اڻ ڳڻيا مسئلا موجود هوندا آهن.

هي هڪ اهڙو معاشرو آهي جتي انسان کي هر قدم تي پنهنجي هر هڪ ساهه جي قيمت ادا ڪرڻي ٿي پوي.انسان پاڻ سان ڪيترا ئي مسئلا ۽ ڀوڳنائون گڏ کڻي حياتي گهاري ٿو. اسان اڃان تائين اهڙا ڪي به قانون قاعدا نه جوڙي سگهيا آهيون جو انسان هتي سک جو ساهه کڻي سگهي، ا ن جي لاءِ هڪ ماڻهون جي حياتي کان انڪار ڪري ڇڏڻ جي پٺيان  ڪو هڪ نه پر سمورو سماجي ڍانچو ذميوار هوندو آهي.توقع ڪجي ٿي ته انتظاميه هن واقعي جي اصل سببن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي،۽ سببن جي نشاندهي ٿيڻ کانپوءِ انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش جي پڻ  سرڪار مان اميد رکون ٿا.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.