ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ جي 10 مهاڻن کي ڀارتي نيوي کنڀي وئي، گهرن ۾ ماتم

ٺٽو/ڳاڙهو/ڪيٽي بندر(نمائندا) ٺٽي جي ساحلي  پٽي ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ جي رھواسي 10 ماھيگيرن پاران ھوڙي ۾ سوار ٿي عربي سمنڊ ۾ پاڪستاني حدن اندر مڇي جو شڪار ڪندي انڊيا جي ميرين وارا کين پڪڙي ھوڙي سميت انڊيا کڻي ويا آھن، گرفتار ٿيل ماھيگيرن ۾ احمد ولد عثمان ڪاتيار، احسان ولد عثمان ڪاتيار، غلام حسين ولد عثمان ڪاتيار، ستار ولد حنيف، غلام حسين ولد صالح راجپوت، عارب ولد جمن پاتڻي، مقصود ولد ڏنو پاتڻي، غلام ولد قاسم پاتڻي،  حسين ولد عثمان، غلام مصطفي شامل آھن، جن جي گھرن ۾ ماتم متل آھي، ٻئي طرف سنڌ ملاح فورم جي سينيئر نائب صدر ڏاڏا محمد آدم گندرو، فشرفوڪ فورم جي اڳواڻ گلاب شاھ چيو آھي ته  سمنڊ اندر حدبنديون نه ھجڻ ڪري اڪثر پاڪستاني ساموندي حدن مان انڊيا جي نيوي وارا پاڪستاني ماھيگيرن کي گرفتار ڪري کڻي وڃن ٿا ۽ ھاڻي به ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ جي 10 ماھيگيرن کي ھوڙي سميت انڊيا جي نيوي ديدادليري سان گرفتار ڪري کڻي ويئي آھي، ھنن چيو ته سمنڊ اندر پاڪستاني ماھيگيرن جو روزگار به خطري ۾ پئجي ويو آھي، پر وفاقي حڪومت ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جنھن عمل جي جيتري به مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي، ھنن انڊين ميرين فورسز جي زيادتين جو اقوام متحدہ کان فورن نوٽيس وٺي گرفتار سمورن پاڪستاني ماھيگيرن کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي سمنڊ اندر حدبنديون ظاھر ڪرڻ جي پڻ گھر ڪئي، ھڪ ئي گھر جا پنج ماڻھون گرفتار ٿيڻ تي سندن گهرن ۾ پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.