مري آفت سٽيل قرار، ايمرجنسي لاڳو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت مري کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مري جي صورتحال انتهائي خراب ٿيڻ بعد سرڪاري ريسٽ هائوسز ۽ سرڪاري آفيسن کي سياحن جي لاءِ کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

وڏي وزير انتظاميا کي هدايت جاري ڪندي چيو ته پيدا ٿيل صورتحال ۾ سياحن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو وڃي.

هُن مري ۾ برف اندر ڦاٿل ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍڻ جي لاءِ ريسڪيو آپريشن کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سياحن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا  استعمال ڪيا وڃن، سياحن کي ضروري امدادي شيون به فراهم ڪيون وڃن.

پنجاب جي وڏي وزير راولپنڊي ۽ ٻين شهرن مان واڌو مشينري ۽ عملو مري اماڻڻ جي هدايت ڪئي.

واضح رهي ته مري ۾ سياحن جي رش ۽ تمام گهڻي برفباري جي ڪري هزارين گاڏيون برف ۾ ڦاسي پيون، جڏهن ته گهرو وزير شيخ رشيد 19 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.