ڀان ۾ نوجوان پاران بيروزگاري کان تنگ ٿي آپگهات ڪوشش

ڀان سيدآباد  ( ن ع آ )ڀان سيدآباد ۾ بيروزگار نوجوان گهرو پريشانين کان تنگ ٿي ريل اڳيان خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ، علائقي واسين بچائي ورتو زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ، تفصيل موجب ڀان سيدآباد واسي نوجوان ڌين محمد پٽ علي محمد ملاح بيروزگار ۽ گهرو پريشانين کان تنگ ٿي ريلوي ڦاٽڪ ڀان ۾ ٽرين اڳيان اچي خدڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن کي پاڙي وارن خودڪشي ڪرڻ کان بچائي ورتو ،  نوجوان جو پير ۽ هٿ ريل هيٺيان اچڻ سبب معمولي زخمي ٿي پيو ،  جنهن دوران علائقي واسين شهرين فوري طور   زخمي ٿيل نوجوان کي زخمي حالت ۾ ڀان اسپتال آندو جتي زخمي نوجوان جو حالت خراب هجڻ سبب  سيوھڻ اسپتال عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ ريفر ڪيو ويو ، ٻئي پاسي علائقي واسين موجب نوجوان ڪافي عرصي کان سخت پريشان هيو جيڪو اڄ ٽرين اڳيان بيهي خودڪشي ڪرڻ جو ڪوشش ڪيو جنهن کي پاڙي وارن فوري طور بچائي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.