ٽنڊي الهيار ۾ قتل ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاهي جي سزا

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) ٽنڊي الهيار جي سيشن جج امبرين اسلم جي عدالت ۾ قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي نوجوان معشوق سيال کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي  وئي ياد رهي ته جوابدار 11.2.2021 تي بي سيڪشن ٿاڻي جي  حد غازي ڪالرو ڪالوني ۾ پنهنجي زال مسمات ڪومل تي ڏانٽن جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس مقتول جي والد غلام قادر قمبراڻي جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو جنهن جو سيشن جج جي عدالت ۾ قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عدالت ۾ سزا ٻڌائڻ بعد حيدرآباد جي سينٽر جيل موڪليو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.