محمد حفيظ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان لاءِ 55 ٽيسٽ، 218 ون ڊي ۽ 119 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندڙ آل رائونڊر محمد حفيظ عالمي ڪرڪيٽ تان باقاعده طور تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد حفيظ جو چوڻ هو ته 18 سال اڳ خوبصورت سفر شروع ڪيو، اڄ رٽائرمينٽ جو باقاعده اعلان ڪري رهيو آهيان پر جيستائين فٽ آهيان ۽ پرفارم ڪندو رهيس ته ليگ کيڏندو رهندس.

هن چيو ته سدائين فخر سان پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ نوجوان ڪرڪيٽرن کي به اهو چوڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان لاءِ جڏهن به کيڏو فخر سان کيڏو ۽ ان کي هڪ اعزاز سمجهو.

 

رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندڙ قومي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته خواهش هئي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ وننگ ٽيم جو حصو هجان ها، محنت ۽ ڪوشش ڪئي پر ائين ممڪن نه ٿي سگھيو جنهن جو ڏک آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.