سال 2022ع: متان چئين آجيان نه ٿيندي..!

تحرير؛انجنيئر گلاب مري

 وقت جي رفتار ڏاڍي تيز ٿي وئي آهي. ڏسندي ئي ڏسندي سال 2022ع جو آفتاب به آڪاش ۾ نئين اميدن ۽ امنگن سان نروار ٿيو آهي. توڻي جو زندگي جو هڪ قيمتي سال گهٽ ٿي ويو آهي پر پوءِ به اها اميد ۽ آس آهي ته هي سال اسان سڀني لاءِ خوشين ڀريو سال ثابت ٿيندو.!

 نئين سال 2022ع کي ڪهڙي نموني بهتر بنائي سگهجي ٿو؟! اسان کي ڪوشش ڪرڻ کپي ته هڪ سٺو انسان بڻجون، بجاءِ هڪ سٺي انسان جي تلاش ڪريون. اسان جي پياري نبي ڪريم صلي اللّٰه عليه وآله وسلم فرمايو: ”سون کان وڌيڪ بهتر عمل ڪهڙا آهن؟ انسانن جي دل خوش رکڻ، بکئي کي کارائڻ، مصيبت ماريلن جي مدد ڪرڻ ۽ زخمين جا اهنج دور ڪرڻ.“اڄ جي سماج تي جڏهن نظر ڦيرايون ٿا ته مفلسي ۽ تنگدستي ۾ ماڻهو زندگي گذارين پيا. غريبن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪي ايڪڙ بيڪڙ نيڪ انسان نظر ايندا. باقي ڏيکاءُ واسطي سٺا عمل ڪرڻ وارن کان ته سماج ڀريو پيو آهي. ايتري حد تائين ته ڪنهن زخمي جي مدد ڪرڻ کان پهرين ان جي سيلفي ٺاهڻ ضروري ٿي وئي آهي.!

 اسان کي پنهنجو ڪردار ۽ اخلاق سڌارڻ گهرجي ته جيئن معاشري ۾ عزت حاصل ڪري سگهون. گفتگو ۾ نرم لهجو اختيار ڪريون. بلڪل ايئن جيئن نعيم صديقي صاحب چيو آهي: ”گفتگو انسان جي ايمان، ڪردار ۽ مرتبي کي پوري طرح ظاهر ڪندو آهي، سٺو موضوع، لفظن جو انتخاب، فقري جي بناوٽ، آواز جو لاهه چاڙهه، لهجي جو اسلوب، اهي ساريون شيون واضح ڪنديون آهن ته گفتگو ڪندڙ ڪهڙي درجي جي شخصيت آهي.“

 اسان جي سماج ۾ محنت کان لنوائيندڙ فردن جي به ڪا کوٽ ناهي. هر ڪو شخص محنت کان نٽائي ٿو. ڄاڻڻ گهرجي ته محنت کان بغير ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو. محنت ته ڪاميابي جي ڪنجي آهي. شايد اسان جهڙن ڪاهل فردن لاءِ ايڊيسن چيو آهي: ”دنيا ۾ ڪمال جي نالي واري ڪابه شيءَ ڪانهي، جنهن شيءَ کي ماڻهو ڪمال جي نالي سان پڪارين ٿا، اها صرف محنت آهي، ٻيو ڪجهه به نه.“

 اسان جي معاشري جي هڪ عام بيماري ”اجايو وقت وڃائڻ“ به آهي. پوءِ اهو وقت هوٽل تي ويهي وڃائجي يا عوامي تفريح گاهن يا ڪنهن نما شام جو لهندڙ سج جي لالاڻ ۾ ڪنهن سامونڊي ڪناري تي گهمي ڦري وڃائجي! مڃون ٿا ته تفريح ذهن ۽ صحت لاءِ فائديمند آهي پر ذهن ۽ صحت جي تفريح مطالعي مان به ته ملي ٿي! مطالعي ڪرڻ جي دوران تفريح سان گڏ فهم، عقل ۽ شعور به وڌي ٿو. پر پاڻ وٽ عذر به ته آهي، جو پاڻ وٽ ڪتب خانن جي کوٽ آهي. پنهنجو جيب به پاڻ کان وڌيڪ سياڻو آهي جيڪو ڪتاب خريد ڪرڻ جي زحمت ئي نه ٿو ڪري.

 تعليم اهو هٿيار آهي جنهن قومن کي عروج تي پهچايو. پاڻ وٽ وري ابتي گنگا پئي وهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صرف نئين سال جون واڌايون ڏيڻ سان ڪجهه به ڪونه بدلبو، جيستائين اسان عملي طرح ميدان ۾ نه لهنداسين. تعليم کي عام ڪرڻ وقت جي ضرورت به آهي ته گڏوگڏ هر هڪ ٻار، امير توڙي غريب جو بنيادي حق به آهي. تنهن ڪري ڪوشش ڪريون ته پنهنجي نئين نسل کي تعليم جي زيور سان سنواريون. حضرت علي رضه جو قول آهي: ”آئون ورهاست ڪرڻ واري جي ان ڳالهه ۾ راضي آهيان، ته هن مون کي علم عطا ڪيو ۽ جاهلن کي مال ملڪيت، مال ملڪيت فنا ٿيڻ واريون شيون آهن ليڪن علم لازوال آهي.“

 پڙهندڙن کي ان دعا سان نئين سال جون واڌايون ته، شال! هي سال اسان لاءِ ڪاميابين، ڪامرانين ۽ خوشين ڀريو سال ثابت ٿئي، آمين!

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.