چيف جسٽس پاران ٿر جي دوري جو امڪان، صحت کاتي ۾ٿرٿلو

عمرڪوٽ(ڊ ر) چيف جسٽس آف پاڪستان جو 8 جنوري 2022 تي ٿرپارڪر جو دورو رٿيل آهي امڪان آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان  عمر ڪوٽ به اچي سگهي ٿو انڪري هيلٿ کاتي جو ڊوڙن لڳي ويون آهن چيف جسٽس پاڪستان ٿو اچي عمرڪوٽ هيلٿ کاتي ۾ ٿرٿلو اسپتالن جو ڪم شروع ڊي جي ھيلٿ سنڌ ڊاڪٽر محمد جمن باھوٽو ٽن ڏينهن کان عمرڪوٽ پهتل چيف جسٽس پاڪستان جي عمرڪوٽ امڪاني آمد جو ٻڌي هيلٿ کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ ايمرجنسي ۾ مرمتي ڪم شروع رنگ رونگن ڪيو پيو وڃي.  سول اسپتال ۾ عملو پورو ڪيو ويو وارڊن ۾ صفائي سٿرائي به جاري ڊاڪٽرن کي ٻھراڙين جون اسپتالون خالي ڪري سول اسپتال عمرڪوٽ آندو ويو آراضي آرڊر ڪيا ويا آهن.  هيلٿ کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو به عمرڪوٽ 8 تاريخ کان اڳ اچڻ جو امڪان. اکين اسپتال ھفتي ۾ پنج ڏينهن ڊيوٽي باوجود ڊاڪٽر صرف اڱاري جي ڏينهن ڪلاڪ ويھي ھليو ٿو وڃي پنهنجي پرائيوٽ ڊيوٽي تي مريض پري پري کان اچن ويھي ويھي واپس روانا ٿي ويندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.