لاڙڪاڻي ۾ گهر تي چڙهائي، نوجوان کنڀي گم، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني جي رهواسي فدا حسين جوڻيجو پنهنجي سئوٽ اعجاز جوڻيجو ۽ ٻين وارثن سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسين پرامن شهري آهيون ۽ اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي پر ان جي باوجود بااثر وياج خورن مختيار علي ميراسي ۽ منصور علي ڦلپوٽو جي چرچ تي ايس ايڇ او رحمت پور سعيد احمد جماڻي پوليس اهلڪار غلام سرور لاشاري سميت 6 پوليس اهلڪارن سان گڏجي گذريل 19 ڊسمبر جي شام ڌاري چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪري ڀاءُ منٺار علي جوڻيجو کي بيگناهه گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.  معاملي کان پوءِ رحمت پور پوليس ڀاءُ جي آزاديءَ لاءِ 30 هزار روپيه رشوت طلب ڪئي جيڪي پئسا ڏيڻ جي باوجود پوليس کيس آزاد ڪرڻ بجاءِ ڀاءُ کي رات جي وقت لاڪپ ۾ آڻي صبح جي وقت مختلف ٿاڻن يا هنڌن تي لڪايو پيو وڃي اهڙي دانهن اسان ايس ايڇ او سعيد جماڻي کي ڏني جنهن ويتر اسان کي گٿا لفظ ڳالهائي ڌمڪي ڏني جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي  ڀاءُ آزاد ڪرائي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ کي آزاد ڪرائي ايس ايڇ او رحمت پور سعيد احمد جماڻي ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇاو رحمت پور سعيد احمد جماڻي ٻڌايو ته لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي ۽ نه ئي اسان نوجوان منٺار جوڻيجو کي گرفتار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.