25 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

تحيري : فقير محمد سنڌي

¨ 25ڊسمبر 336ع تي روم ۾ پهريون دفعو عيسي ابن مريم جو ڏينهن ولادت( ڪرسمس ) ملهايو ويو.

¨ 25 ڊسمبر 1642ع تي انگريز طبيعيات دان ۽ رياضي دان آئزڪ نيوٽن جنم ورتو.

¨  25 ڊسمبر 1643ع تي جزيره ڪرسمس، بحر هند ۾ دريافت ٿيو.

¨  25 ڊسمبر 1918ع تي مصر جو صدر ۽ نوبل انعام يافته انور سادات جنم ورتو.

¨  25 ڊسمبر 1927ع تي ڀارتي سارنگي نواز، رام نارائڻ جو جنم ڏينهن آهي.

¨  25 ڊسمبر 1949ع تي اڳوڻو وزير اعظم پاڪستان، ميان محمد نواز شريف جو جنم ڏينهن آهي.

¨  25 ڊسمبر 1872ع تي چانڊيا قبيلي جو سردار نواب غيب خان چانڊيي جو اصل نالو علي نواز خان ولد سردار محمد خان چانڊيو، ڳوٺ غيبي ديري (تعلقي ۽ ضلعي قنبر شھدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو.

¨  ڊسمبر 1876ع تي قائد اعظم محمد علي جناح و جناح25 پونجاه، ٺٽي ضلعي جهرڪ شھر ۾ جنم ورتو. بعد ۾ سرڪاري حلقن سندس جنم ڀومي ڪراچيءَ کي قرار ڏنو.

¨  25 ڊسمبر 1922ع تي اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر الياس عاشقي جو جنم ڏينھن آهي.

¨  25 ڊسمبر 1925ع تي آبپاشي جو ماهر ۽ نثر نويس ايم-ايڇ پنھور مڪمل نالو محمد حسين ولد حاجي خان پنھور ڳوٺ ابراهيم پنھور ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.

¨  25 ڊسمبر 1935ع تي درديلو شاعر ۽ رياست خيرپور جو ناميارو والي مير علي نواز ناز وفات ڪئي آخري آرام گاهه ڪربلا معليٰ ۾ اٿس.

¨  25 ڊسمبر 1931ع تي سياسي اثر رسوخ رکندڙ شخص سردار واحد بخش خان ڀٽو ڦوهه جواني ۾ لاڏاڻو ڪيو.

¨  25 ڊسمبر 1956ع تي سنڌ جو مزاحمتي شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر آڪاش انصاري اصل نالو الھه بخش انصاري ڳوٺ ابل جي وسيءَ بدين ۾ ڄائو.

¨  25 ڊسمبر 1962ع تي مشھور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.

¨  25 ڊسمبر 1964ع تي شاعر ۽ نثر نگار انور ڏنگڙائي اصل نالو انور علي ابڙو ڏنگڙي لڳ موهين جو دڙو ۾ پيدا ٿيو.

¨  25 ڊسمبر 1968ع تي ناليواري ليکڪ، ترجمي نگار حبيب ساجد جو پورو نالو حبيب الله ولد رحمت الله بليدي، ڳوٺ گل محمد بلوچ، ضلعي خيرپور ۾ جنم ٿيو.

¨  25 ڊسمبر 1976ع قائد اعظم جو سوءُ سال جنم ڏينهن، شان شوڪت سان ملھايو ويو ۽ يادگار سڪو به جاري ڪيو ويو.

¨  25 ڊسمبر 2004ع تي نامور استاد، شاعر ۽ سگهڙ حافظ محمد بخش خاصخيلي وفات ڪئي.

¨  25 ڊسمبر 2016ع تي راڳي ۽ ڪمپيئر سرفراز علي جتوئي، راهه رباني ورتي. آخري آرامگاهه محلي مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ اٿس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.