ڀيڻ کي اغوا بعد ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو ويو، سکر ۾ احتجاج

سکر ( رپورٽر ) سکر جي رهائشي جي ايم حيدري پنهنجي ڀائرن حق نواز، اعظم طارق سان گڏ سکر پريس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو آهي ته شڪارپور جي بااثر سياسي شخصيتن ظلم ۽ ستم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، علائقي جا بااثر وڏيرن جي ماڻهن هاشم جتوئي، عالم جتوئي، اسلم جتوئي، محسن جتوئي ۽ احمد جتوئي 5 سال اڳ اسان جي ڀيڻ عائشه کي اغوا بعد ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش گم ڪري ڇڏي هئي، جنهن بابت حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل هجڻ باوجود جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي، جنهن کانپوءِ بااثر جوابدارن پوليس جي مدد سان ڪيس به ختم ڪرائي ڇڏيو ۽ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران رپورٽ جمع ڪرائي ته عائشه نالي ڪا ڇوڪريءَ هئي ئي ڪان ان جو وجود ئي ناهين جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي، پريس ڪانفرنس دوران هنن وڌيڪ چيو ته شڪايت باوجود اسان کي هن وقت تائين انصاف ناهين ملي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.