هالاڻي: مبينا مقابلي ۾ مارجي ويلن نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو

سکر پوليس ھٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لياقت رند جو وارثن پاران لاش رکي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.

نوجوان جي وارثن لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جو قطارون لڳي ويون.

ان  تي مقتول جي ڀائرن ذوالفقار رند، سرفراز رند ۽ ٻين  چيو ته  سکر پوليس نوجوان کي هالاڻي مان کنڀي کڻي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي، جيستائين نوجوان جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيستائين مقتول جي لاش کي نه دفنائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.