پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربعا تي طلب، حڪومتي اتحادي اڃا به ٻڏتر جو شڪار

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عدليه تي حملو ڪرڻ، ججن تي الزام هڻڻ، وڊيو ٺاهڻ (ن) ليگ جي تاريخ رهي آهي، ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، چيف جسٽس جي سوموٽو نوٽيس جي آجيان ڪريون ٿا، وزيراعظم عمران خان سان اتحادي پارٽين جي ميمبرن جي ملاقات ۾ انهن جا خدشا ختم ڪيا ويا، سمورن اتحادين وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي گهرايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن هتي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم جي الزامن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترو کل جوڳو لطيفو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان مون وٽ آيو، اسان چانهه پي رهيا هئاسين، اوچتو چيف جسٽس کي خيال آيو هن فون کنيو ته فلاڻي جج کي فون ڪريان. هن  چيو ته بدقسمتي سان ڪنهن جج جو نالو کڻي اخبار ايتري وڏي هيڊ لائين لڳائي غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو، اليڪٽورل ريفارم جا بل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا، سمورا اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.