ٽنڊي محمدخان ۾ قتل ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر) ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ محمد ڍول ۾ قتل ٿي ويل 40 سالا محمد بخش ڍول جي قتل واري واقعي جو مقتول جي ڀاءُ بهاول ڍول جي فرياد تي تعلقي ٿاڻي تي  3 جوابدار ڀائرن هر هڪ جان محمد عرف جاني سمون ، شوڪت علي سمون ۽ اسماعيل سمون مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي ويئي آهي جنهن مان  هڪ جوابدار شوڪت سمون کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي ، تعلقي ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ قلم يو ايس 302،201،34پي پي سي لڳايا ويا آهن جنهن ۾ نينگر سان گڏ هلڻ کان روڪڻ تي قتل جو ڪارڻ ٻڌايو ويو آهي ، جڏهن ته قتل واري واقعي جي جانچ لاءِ ايس ايس پي عابد بلوچ نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي جي نگراني ۾ جانچ ڪميٽي مقرر ڪري ڇڏي آهي ، ٻي پاسي قتل ٿي ويل محمد بخش ڍول جي قتل واري واقعي ۾ ملوث بااثر 2 جوابدارن کي گرفتار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اهم شخصيتون سرگرم ٿي ويون آهن  ، ايس ايڇ او محمود لغاري   چيو ته وارثن جي مرضي موجب ايف آءِ آر 3 جوابدار ڀائرن مٿان داخل ڪئي ويئي آهي جنهن مان هڪ جوابدار کي گرفتاري ڪيو ويو آهي باقي گهربل 2 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.