علي ظفر خلاف ڪيس، ميشا شفيع جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدالت گلوڪار علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ جي ڪيس ۾ گلوڪارا ميشا شفيع جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

لاهور جي سيشن عدالت پنهنجي تحريري فيصلي ۾ لکيو ته جڊيشل مئجسٽريٽ جو ميشا شفيع جي طلبي ۽ ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم درست آهي.

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ميشا اڄ تائين ٽرائل عدالت ۾ پيش نه ٿي، نه ئي هن شاهدن جا بيان جمع ڪرايا، کيس حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏيڻ کان اڳ عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ها.

عدالت چيو ته جڊيشل مئجسٽريٽ جو حڪم قانون موجب آهي، ان ۾ ڪا گهرج ناهي.

عدالت ٽرائل ڪورٽ جي ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي حڪم خلاف اپيل پڻ خارج ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته ميشا شفيع جڊيشل مئجسٽريٽ جو فيصلو سيشن عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.