احتجاج بعد ايم پي اي کي هٿڪڙيون لڳي ويون، سردارن جو سج لهڻ وارو آهي: ساڃاهه وند

ڪراچي/ملير (رپورٽر) ملير جي عدالت ۾ شهيد ناظم قتل ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي ايم پي اي ڄام اويس بجار ۽ ٻين جوابدارن جي پهچڻ تي ايم پي اي جي حامين پاران سندس حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته وڪيلن پاران شهيد ناظم جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا، وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو ته قتل ڪيس جي جوابدار ايم پي اي ڄام اويس کي هٿڪڙيون ڇو نه لڳل آهن، وڪيلن جي احتجاج بعد ايم پي اي کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل اڳواڻن چيو ته چيف جسٽس کي عدالت اندر جوابدارن جي حامين جي غنڊا گردي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هنن چيو ته اسان شهيد ناظم جوکيو جو ڪيس مفت ۾ وڙهنداسين ۽ جوابدارن کي منطقي انجام تي پهچائڻ تائين شهيد جي وارثن سان گڏ آهيون، ان موقعي تي شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءَ افضل جوکيو به چيو ته اسان ڪنهن به دٻاءَ کي جوتي تي رکنداسين،ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾  گرفتار ٿيل جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ بعد  ملير ڪورٽ جڊيشل مئجسٽريٽ 2 الطاف تنيو جي عدالت ۾  پيش ڪيو ويو  ،ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ سندس ٻن گارڊن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ايم پي اي ڄام اويس کي سخت پھري ھيٺ الڳ بڪتر بند گاڏي ۾ آندو ويو،ايم پي اي ڄام گھرام کي ڪورٽ جي پوئين گيٽ کان اندر آندو ويو، عدالت جاچ پوليس کي وڌيڪ  3 ڏينھن جو  جسماني رمانڊ ڏئي ڇڏيو ،جڏھن ته مقتول جو ڀاءُ ۽ سندس وڪيلن عدالت کي چيو ته قتل ۾ ملوث وڌيڪ جوابدار ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ عرب شھزادن جا نالا شامل ڪيا وڃن فريادي افضل بلوچ چيو ته مقتول جا ڪپڙا ، موبائيل فون ۽ ڪجھ ٻيو سامان به جوابدارن وٽ آھي اھو پڻ وصول ڪيو وڃي ۽ اي ٽي سي پڻ لڳايو وڃي ،سنڌ ليگل ايڊ جي وڪيلن اياز چانڊيو ،محمد خان شيخ ، سعيد مگسي ، ڪاظم مهيسر  سميت 50 کان وڌيڪ وڪيلن وڪالت نامي تي صحيح ڪري جمع ڪرائي ڇڏي

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر، سينيئر صحافي لالا رحمان سمون عوامي آواز طرفان سنڌ جي ثقافتي ڏينهن کي “سنڌ جو نعرو، سرداري نظام کان ڇوٽڪارو” ڪري ملهائڻ واري عمل کي ساراهيندي چيو ته عوامي آواز جو هي هڪ وقتائتو قدم آهي،  خاص طور تي جڏهن ناظم جوکيو وارو واقعو ٿيو آهي يا فهميده سيال کي قتل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته دنيا ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي پئي وڃي، پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اسان جو سماج ڏينهون ڏينهن بدتن جو شڪار ٿيندو پيو وڃي، هن چيو ته هڪ دور ۾ جڏهن سياسي تحريڪون ۽ سياسي لاڙا هئا، جنهنڪري جاگيرداري نظام کي ڪافي مورلي ڌڪ رسيو هيو، جن حدون مقرر ڪيون هيون، جن کان هو ٽپندا ڪونه هئا،  پر هاڻي جيئن جيئن جاگيرداري سسٽم وڌيو آهي، قومپرستن ڌرين ۽ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ جي مزاحمت گهٽ ٿي آهي، هو وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، هن چيو ته جاگيرداري نظام سماجي ۽ معاشي طور تي ناسور آهي، جيڪو قومن جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي ٿو، تنهن ڪري ان کي ختم ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ هاڻي جاگيرداري نظام ختم ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ به هن جي ڪا آئيني حيثيت ناهي، تنهن ڪري ان لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي، سماجي طور تي پريشر پوڻ گهرجي، ته جيڪي ماڻهو جاگيردارن کي پنهنجو مالڪ سمجهن ٿا يا هو پنهنجو پاڻ کي خدا ٿا سمجهن ته اسان ماڻهن جا خدا آهيون، ۽ هو خدائي فيصلا ڪن ٿا، ته قدرت جو قانون آهي ته انهن کي شڪست نصيب ٿيندي، پر ان لاءِ سماج کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،

بدين ( رپورٽ: رازقڏنوکوسو) پريس ڪلب بدين ۽ ايوان صحافت بدين جي صحافين پاران عوامي آواز ميڊيا گروپ جي اعلانين سنڌ جو نعرو سردارن کان ڇوٽڪاري واري اعلان بعد ان سري ھيٺ مھلائڻ جو اعلان ڪندي عوامي آواز ميڊيا گروپ کي ان قدم تي مڪمل ساٿ جو اعلان ڪندي پريس ڪلب بدين جي صدر تنوير آرائين احمد آرائين ، ايوان صحافت بدين جي صدر حاجي خالد محمود گھمڻ ،  ايوان صحافت جي جنرل سيڪريٽري شفيح محمد جو ڻيجو ، سينئر صحافي  لالا ھارون گوپانگ ، سينئر صحافي علي محمد شاھاڻي ، شاد الطاف ميمڻ ، غلام مصطفيٰ جمالي، سينئر صحافي عبدالمجيد ملاح  ، يونس بڪاري ،مشتاق انصاري شاعر اورنگزيب ڀٽي  ۽ ٻين چيو ته  جرڳائي سرداري نظام سنڌ ۾ ناسور جيان پکڙيل آهي سڀ ادارا سنڌ جي حقن لاءِ ويڙھ ڪن پيا پر جنھن انداز سان عوامي آواز ميڊيا گروپ ڄمي سنڌ جي ماڻھن جي مالڪي ڪري رھي آھي اھا ھن وقت سنڌ جي لاءِ اھم ضروري شيءُ ھئي جيئن ڀوتارن خلاف رستا روڪ ٿئي سرداري نظام سنڌ ۾ رڳو ظلم برپا ڪيو آھي جنھن جونشانو نه رڳو ڪو ھڪ فرد ٿئي پيو پر سنڌ جو ھر لکيل پڙھيل ماڻھو به ان جو نشانو بڻجندو پيو وڃي ،هنن چيو ته سنڌ کي ھن وقت نقصان سردار به پھچائي رھيا آھن سنڌ ۾ ھن وقت ام ارباب چانڊيو سرداري نظام خلاف پيرين اگھاڙي جدوجهد ڪري سرداري نظام کي للڪاريو آھي ھاڻي شعور جي ضروت آھي   پر سرداري نظام جو سج لھندي نظر اچي پيو سڄي سنڌ ان سرداري نظام کان پاڻ کي آجو ڪرڻ ۾ رڌل آھي پريس ڪلب بدين ۽ ايوان صحافت بدين جي سينئر صحافين پاران عوامي آواز ميڊيا گروپ کي ڀرپور ساٿ ۽ ان سرداري نظام خلاف گڏ گڏ بيھڻ جو به اعلان ڪيو.

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)عوامي آواز ميڊياگروپ پاران اڄ کان پنج ڊسمبر تائين ثقافتي ڏهاڙو ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“جي سِري هيٺ ملهائڻ واري ڏنل سڏ کي ڀرپور موٽ ملڻ شروع ٿي ويئي آهي،اُنهي سلسلي ۾ عوامي آواز جي نعري کي سوشل ميڊيا تي زبردست موٽ ملي رهي آهي ۽ نوجوان هن نعري تي متعفق ٿي ويا آهن،اُنهي سلسلي ۾ ٿر جي سمورن تعلقن مٺي،اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو ،ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڪلوئي ۽ ڏاهلي ۾ نوجوانن سرداري نظام خلاف جهاد جو علم بُلند ڪري ڇڏيو آهي،پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري امداد قاضي،قومپرست پارٽين جي اڳواڻن عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ وسند ٿري،اوڀايو جوڻيجو،ايس ٽي پي جي ضلعي صدر گهنشام مالهي،قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر وڪيل شاهنواز هنگورجو،سماجي اڳواڻ ديال صحرائي،ڏامرو مل ميگهواڙ ۽ ٻين چيو آهي ته عوامي آواز ثقافتي ڏهاڙي تي جيڪو نعرو رکيو آهي ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“سنڌ به اِهو ئي چاهي ٿي،اسان هن نعري هيٺ سڀ گڏجي ڏهاڙو ملهائينداسين،سنڌ جو بهتر مستقبل ئي ڀوتارڪي سوچ جي خاتمي سان سلهاڙيل آهي،سنڌ ۾ جيڪي به مسئلا ٿين ٿا اُنهن ۾ ڀوتار شامل هجن ٿا،سنڌ جي تباهي جو ڪارڻ سرداري نظام آهي،اسان هميشه هن نظام جي مخالفت ڪئي آهي،هاڻي سنڌ جو هر ٻچو ٻچو چاهي ٿو ته تحريڪ تيز ٿئي،اسان عوامي آواز جي سٿ کي سلام پيش ڪيون ٿا جنهن وقتائتو هڪ بهترين فيصلو ورتو آهي،انشاءُ الله عوامي آواز جي هن نعري هيٺ مهم جو ڀرپور آغاز ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.