خيرپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان قتل

خيرپور(رپوٽ: مختيار ڦلپوٽو) ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ پلهه ۾ ڪنڀر ۽ شيخ برادري جي ماڻهن جي وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي مٿان لتن، مڪن ۽ سروٽن جو وسڪارو لاهي ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ شيخ برادري جو نوجوان ڪفايت الله شيخ شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي سندس وارث اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو،  اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ خون ريزي کي روڪڻ جي لاءِ پڪٽ قائم ڪري ٻنهي ڌورين جا 10 ماڻهون لاڪ اپ ڪري ڇڏيا آهن ۽ فوتي جي ڀاءَ شفاعت جي فرياد تي جوابدار رياض ڪنڀر ۽ حاجن علي ڪنڀر سميت 5 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.