ڪراچي:صحت واري صوبائي وزير پاران پي ايم سي جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار

سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ ٻين صوبن جي شاگردن جي داخلا ۽ پي ايم سي جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ، سنڌ جي صحت ۽ آبادي جي ڀلائي وارن کاتن جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اڄ اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني، بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيدناصر حسين شاھ ۽ صحت جي معاملن بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو سان گڏيل پريس ڪانفرس ڪندي چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جي امتحانن تي سموري ملڪ جا شاگرد سراپا احتجاج آهن، پي ايم سي تي پهريان کان ئي اعتراض آهن، جنهن اداري مان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو نقصان ڪيو وڃي، اھڙي اداري جي ھجڻ جو پوءِ ڪوئي فائدو ناھي، ڪيترائي دفعا خط لکڻ باوجود فيڊريٽنگ يونٽ جي حيثيت سان اسان جي ڳالهه نه ٿي ٻڌي وئي،اسان وٽ ٻه آپشن بچيا آهن، پهريون اسان پنهنجي شاگردن جو ٽيسٽ پاڻ وٺون ۽ ٻيو آپشن اھو تہ سنڌ جي سيٽن تي پرسنٽيج واري شرط کي نرم ڪريون. ھن چيو ته جيڪڏهن اسان ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏينداسين تہ اسان جي پنھنجي صوبي جي شاگردن جو نقصان ٿيندو. سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ ڇنڇر ڏينهن منعقد ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ صحت کاتي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته افسوس آهي پي ايم سي مضبوطي جي علامت بڻجڻ بجاءِ هي ادارو ڊاڪٽرز لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي رهيو آھي. صحت کاتي واري صوبائي وزير چيو ته اسان ڪيترائي دفعا خط لکي پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون پر پي ايم سي، ايم ڊي ڪيٽ جي معاملي ۾ پنهنجي متنازعه پاليسي تي بضد آهي. هن واضح ڪيو ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي سلسلي ۾ داخلا پاليسي ۽ ٻين معاملن ۾ صوبي وٽ پنهنجي قانون سازي جو حق پڻ موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.