تعليم بچايو، مستقبل سنواريو، سيري ۾احتجاج

سيري (ن ع آ) تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي  جي يوسي سيري ۽ يوسي ٽنڊو فضل جي نوجوانن پاران تعليم بچائڻ لاِء نوجوان اتحاد  قائم ڪري ورتو آهي نوجوانن طرفان تعليم بچايو مستقبل سنواريو جي عنوان ھيٺ پنھورآباد  ۾ مظاهرو ڪيو ۽ سيري ٽنڊو فضل روڊ تي ڌرڻو ھنيو جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن سياسي سماجي اڳواڻن  سيري شھري ايڪشن ڪميٽي  سميت ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻارن جي ھٿن ۾ ڪتاب بينر ۽ پلي ڪارڊ  ھئا جنهن تي تعليم بچايو مستقبل سنواريو تعيم خاطر جيڙو آ تعليم کپي تالا نه کپن بند پيل اسڪول کولرايو ۽ نعره لکيل ھيا  ان موقعي تي نوجوانن جي اتحاد جي اڳواڻن ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف پنھور الله ڏنو پنھور  مصطفى پنھور منصور گل پنھور خادم پنھور نعيم مغل  جانو ساند اعظم کنجيجو ڏ ٻين چيو ته اسان جا ايم پي اي ايم اين اي ستا پيا آهن ۽ اسان جا معصوم ٻار مال چاري رھيا  آهن ته ٻيا رلي رھيا آهن جنهن جي ڪنهن کي به پرواھ ناھي اسان جي ڳوٺن جا ڪيترائي اسڪول وڏيرن جو اوطاقون ۽ مال جا وٿاڻ ٺھيل آهن جڏهن ته ڪامورا رشوت وٺي بند پيل کليل ڄاڻائي رھيا آهن جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي ھنن چيو ته اسان جا جائز مسلو جلد حل نه ٿيو ته ڪامورن ۽ عوامي نمائيندن جو گھيراو ۽  انهن جي ڳيان احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا ھنيا ويـندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.