پنجگور ۾ بدامني وڌي وئي آهي: مير رئوف مينگل

حب(ن ع آ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ، اڳوڻي ايم اين اي مير رئوف مينگل چيو آهي ته پنجگور ۾ هڪ مهيني کان بدامني آهي، جليل سنجراڻي، معصوم ٻار قدير خليل سميت 34 ڄڻا بيدرديءَ سان قتل ڪيا ويا آهن، دهشتگردي ۽ لاقانونيت وڌي وئي آهي، هن چيو ته پنجگور جي عوام کي اڳ ئي بيروزگاري، سيڪيورٽي جي نالي تي هراسان ڪرڻ ۽  نوجوانن، معصوم ٻارن کي ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ترقي جا دعويدار پنجگور جي عوام کي زندگي جا بنيادي حق ته نه ڏئي سگهيا پر انهن جو سڪون ۽ امن به تباهه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته بي اين پي پنجگور جي عوام سان ظلمن تي خاموش نٿي رهي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.