لاڙڪاڻي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر محلا ريشم گهٽي واري علائقي ۾ دايا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي ۽ دڪان  جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو جتي ڏنڊا، سِروٽا، لٺيون ۽ ٺونشا لڳڻ سبب 8 ڄڻا جنهن ۾ هڪ ڌر جو خادم، عابد، خالد، ڌڻي بخش، سراج، رابيل ۽ ٻي ڌر جو الطاف، نصرالله ۽ بابر دايو سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي خادم الزام لڳايو ته ٻارن جي ڳالهه تان قربان، غلام نبي، نعمت الله، هدايت الله، الطاف، شوڪت، بابر ۽ ٻين اسان مٿان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي. ٻئي پاسي زخمي بابر دايو ٻڌايو ته خادم دايو وارن سان اسان جو اڳ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن جو فيصلو سردار صفدر مٺاڻي وٽ ٿيو جيڪو معاملو حل ٿي چڪو آهي، ان کان اڳ سال 2007ع دوران اسان شبير دايو کان نظر محلا ريشم گهٽي ۾ 15 لک روپين ۾ دڪان خريد ڪري ڪنفيڪشنري جو دڪان کوليو پر ڪجهه مهينن کان شبير دايو مسلسل دڪان واپس ڪرائڻ جو چئي رهيو آهي انڪار تي اڄ هن پنهنجي وارثن خادم، عابد، خالد ۽ ٻين سان گڏجي اسان مٿان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.