ميڊيا اٿارٽي بل سمورين تنظيمن رد ڪيو آهي: جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي

ڪراچي(پ ر) اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي، پي ايف يو جي، ايمنڊ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ميڊيا ڊولپيمنٽ اٿارٽي کي رد  ڪندي ان کي غيرآئيني ۽ اظهار راءِ تي پابندي مڙهڻ جو ذريعو قرار ڏنو آهي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي اجلاس ۾ چيو ويو ته ميڊيا اٿارٽي سان سمورن ميڊيا پليٽ فارمن تي رياست جو ڪنٽرول ٿي ويندو، ايڪشن ڪميٽي پارليامينٽ هائوس آڏو پي ايف يو جي جي 13 سيپٽمبر تي اعلانيل ڌرڻي جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي، بيان ۾ چيو ويو ته بار ايسوسيئيشنز، سياسي پارٽين، انساني حقن وارين تنظيمن۽ ٻين سول سوسائٽي جي تنظيمن ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت جي خاطري ڪرائي آهي، حڪومت جون ڪوششون ناڪام بڻايون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.