دوستن وفا نه ڪئي: بلاول کي هاڻ جيالن ۾ اميدون

 

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خان صاحب اڪثريت وڃائي چڪو آهي، هيءَ اقليت جي حڪومت آهي.

رحيم يار خان ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هٿ ٺوڪئي پاڪستان جي هر شهري کي تڪليف ۾ وڌو آهي، سليڪٽڊ وزيراعظم هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿيو، اسان جي دور ۾ عالمي مالياتي بحران آيو پر اسان عوام کي ننڌڻڪو نه ڇڏيو هو.

هن چيو ته مهانگائي باوجود اسان پنهنجي دور ۾ پگهارون وڌايون، پ پ غريبن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، جيڪا ملڪ جي آبادگارن، غريبن، نوجوانن ۽ مزدورن جي ترجمان هوندي.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته دوستن کان مطالبو آهي بي اعتمادي آڻين، عثمان بودار کي هٽائين، جيڪڏهن توهان عدم اعتماد نٿا آڻي سگهو ته پوءِ استعيفيٰ ڏيو ۽ اسيمبلي ڇڏي ڏيو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو اسان دوستن کان مطالبو ڪنداسين ته اهي عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻين ۽ وزيراعظم کي هٽائين، گڏوگڏ هن اهو به چيو ته هاڻ پ پ دوستن تي نه جيالن تي اعتبار ڪندي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ تي تنقيد ڪندي چيو هو ته ٻٽي پاليسي نه هلندي، جڏهن اسان توهان سان گڏ هئاسين ته توهان چيو استعيفيٰ بنا ڪم نه هلندو، هاڻ توهان لاءِ چئلينج آهي اسان سان گڏجي پنهنجو ووٽ استعمال ڪيو، جيڪڏهن اسان جي نٿا ٻڌو ته پنهنجي ئي ڳالهه ۽ پنهنجي دعويٰ تي عمل ڪيو، توهان کي ٻنهي مان هڪ ڪم ڪرڻو آهي، ووٽ استعمال ڪيو يا استعيفيٰ ڏيو.

هوڏانهن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان بلاول کي ميار ڏيندي چيو هو ته جيڪا بلاول کي آڇ ٿي اها اسان کي به ٿي پر اسان قبول نه ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.