سکر عدالت ٻاهران پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي تي فائرنگ جو ڪيس داخل

سکر( ڊر ) عدالت مان حاضري بعد واپس ايندڙ پريمي جوڙي سيما چانڊيو ۽ جبار ميراڻي مٿان حملو ڪري سخت زخمي ڪندڙن تي فريادي محمد يعقوب ميراڻي جي فرياد تي ناري سيما چانڊيو جي والد حسين بخش، ڀاءُ علي رضا، ٻن چاچن صديق ۽ اصغر ۽  4 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پوليس ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيو آهن، جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي، ياد رهي ته جوابدارن ٻه ڏينهن اڳ عدالت کان ٻاهر ايندڙ جوڙي مٿان فائرنگ ڪري کين سخت زخمي ڪري وڌو هو جيڪي هن وقت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال ۾ داخل آهن.

قمبر پوليس جي ڪارروائي، 6 منشيات فروش گرفتار

قمبر (ت ر) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سمير نور چنه جي حڪم تي پوري ضلعي اندر منشيات فروش خلاف ڪارروائي تيز  6 منشيات فروش سڳ سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي نصيرآباد پوليس ڳجهي اطلاع تي غازي چونڪ تي ڪارروائي منشيات فروش عبدالغفار منگي کي گرفتار ڪري وٽان شراب جو بوتلون هٿ ڪري ورتيون ٻئي طرف نصير آباد پوليس منشيات فروش عنايت الله جلباڻي کي گرفتار ڪري وٽان 3 ڪلو اعلي قسم جو چرس هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي جڏهن ته سجاول جوڻيجو جي پوليس  عرضي ڀٽو ۾ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش غلام شبير ڪوري کي گرفتار ڪري وٽان هڪ ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي ٻئي طرف شهدادڪوٽ اي سيشن ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروش محمد هاشم مگسي کي گرفتار ڪري وٽان اعلي قسم جو هڪ ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي ۽ شهدادڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروش اعجاز جمالي کي گرفتار ڪري وٽان هڪ ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي.  جڏهن ته وڳڻ ٿاڻي جي پوليس منشيات فروش اسد اللہ پهنور کي گرفتار ڪري وٽان 15 ڪلو مين پڙي گٽڪا هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي ان موقعي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سمير نور چنه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو منشيات فروش معاشري جو ناسور آهن جن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو ۽ ان خلاف بلاتفريق سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.