عالمن خلاف سازش ٿي رهي آهي:شيعا اڳواڻ

گلشن اقبال  (ن ع آ) اسين امن پسند ماڻهو آهيون ٻين جي عقيدن سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندا آهيون پنهنجي عالمن خلاف ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪنداسين اهڙن خيالن جو اظهار مرڪزي تنظيم عزادراري سيد محمد نقي انچولي امام بارگاهه خير العمل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن علامه شهنشاهه حسين نقوي جي لاءِ سوشل ميڊيا تي مختلف ٽرينڊ پيا هلايا پيا وڃن اسان جو گڏيل دشمن اسان کي ويڙهائڻ ٿو چاهي ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهائڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين هي ملڪ اسلام جي نالي تي ٺاهيو ويو هو ملڪ قائداعظم ٺاهيو جنهن جو شيعا فرقي سان تعلق هو علامه اقبال پاڪستان جو خواب ڏٺو هو جيڪو اهل سنت جو هو هن وڌيڪ چيو ته سڀئي مسلمان اهلبيت سان محبت ڪريون ٿا ته پوءِ جهيڙو ڇو? هڪ گروهه پاران نئون فتنو شروع ڪيو ويو آهي جيڪو چوي ٿو ته شيعن جي آذان دهشت گردي آهي اصحابن جو ادب آهي پر سڀ کان پهريان ادب رسول پاڪ جن جو هجڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي صدقي ۾ رب پاڪ ڪائنات جوڙي اهلبيت جي حق ۾ ڳالهائڻ تي ڪيس داخل ڪرايا ويا اسان کي ڪوڙن ڪيسن ذريعي نه ڊيڄاريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.