سام سنگ پاڪستاني واهپيدارن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

 سام سنگ پاڪستان ۾ گيليڪسي اي سيريز جي مختلف فونز جي اگهن ۾ گھٽتائي ڪري ڇڏي.

واٽ موبائل جي هڪ رپورٽ موجب سام سنگ طرفان گيليڪسي اي سيريز جي 3 فونز جي اگهن ۾ گھٽتائي ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته سام سنگ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سمارٽ فونز وڪرو ڪندڙ ڪمپني آهي ۽ پاڪستان ۾ به ان جي ڊوائيسز کي گھڻو پسند ڪيو ويندو آهي.

ڪمپني طرفان گيليڪسي اي 32، اي 22، ۽ اي 12 جي اگهن ۾ گھٽتائي ڪئي وئي آهي.

انهن مان گيليڪسي اي 32 سڀ کان طاقتور فون آهي جيڪا 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج سان دستياب آهي.

اها فون 45 هزار 999 رپين ۾ وڪرو ٿيڻي هئي پر هاڻ جي قيمت 44 هزار 499 رپيا ٿي وئي آهي يعني ساڍا 3 هزار رپيا گھٽتائي ڪئي وئي آهي.

فوٹو بشکریہ سام سنگ

فون ۾ گڏيل طور تي 5 ڪيمرائون موجود آهن، 4 بيڪ تي ۽ هڪ سيلفي ڪيمرا.

بيڪ تي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ لينس (123 ڊگري فيلڊ آف ويو) 5 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 5 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا ان سيٽ اپ جو حصو آهن.

فرنٽ تي 20 ميگا پڪسل ڪيمرا يو نوچ ڊزائين ۾ ڏني وئي آهي.

اهڙيءَ طرح گيليڪسي اي 22 جي 4 ۽ 6 جي بي ورجنز جي اگهن ۾ به گھٽتائي ڪئي وئي آهي.

4 جي بي ريم وارو ماڊل 40 هزار 900 رپين بدران 36 هزار 999 رپين ۾ وڪرو ڪئي ويندي ۽ ان جي قيمت ۾ 3900 رپيا گھٽتائي ٿي آهي.

فوٹو بشکریہ سام سنگ

6 جي بي فون هاڻ 43 هزار 750 رپين بدران 39 هزار 999 رپين ۾ دستياب هوندو يعني 3750 رپين جي رعايت حاصل هوندي.

گيليڪسي اي 12 سام سنگ جي اينٽري ليول سمارٽ فون آهي جيڪا 64 جي بي اسٽوريج ۽ 128 جي بي اسٽوريج جي ورجنز ۾ دستياب آهي.

فوٹو بشکریہ سام سنگ

64 جي بي ريم وارو ماڊل 7 هزار 8000 رپين جي گھٽتائي سان 32 هزار 300 رپين بدران 24000 هزار 499 رپين ۾ دستياب هوندو جڏهن ته 128 جي بي اسٽوريج وارو فون 33 هزار 999 رپين بدران 29 هزار 999 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.