پاڻي، بجلي ۽ هوا مان تيار ڪيل غذا

فن ليند جي هڪ ڪمپني پروٽين مان ڀرپور غذا تيار ڪرڻ جو هڪ انوئو طريقو ايجاد ڪري ورتو آهي.

ايندڙ وقت ۾ ان جي مدد سان پروٽين جي کوٽ جو عالمي مسئلو حل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھندي.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ان طريقي سان غذا تيار ڪرڻ لاءِ رڳو هوا، پاڻي ۽ بجلي گھربل آهي، جڏهن ته بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ شمسي توانائي استعمال ڪئي ويندي آهي، ته جيئن سمورو طريقو ماحول دوست رهي.

ان  غذا کي سولين (Solein) جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪا ”سولر پروٽين“ جو مخفف آهي، پروٽين تيار ڪرڻ جي اها نئين ٽيڪنيڪ فرنٽيشن جي عمل جهڙي آهي، جنهن جو گھڻو استعمال شراب سازي جي صنعت ۾ ڪئي ويندي آهي.

سائنسدانن موجب پهرين مرحلي دوران پاڻي مان بجلي گذاري هائڊروجن ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جا بوڻيا (Bubbles) خارج ڪرايا ويندا آهن، پوءِ ان ۾ زندهه خوردبيني جاندار (مائڪروبز) شامل ڪيا ويندا آهن، جيڪي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، پاڻي ۽ هوا جو گڏ استعمال ڪندي، مختلف قسمن جا پروٽين تيار ڪن ٿا. ۽ اهي محلول جي شڪل ۾ ٿين ٿا.

آخري مرحلي ۾ اهومحلول خشڪ ڪجي ٿو، پائوڊر جي شڪل ۾ ان ۾ پروٽين رهجي وڃن ٿا، خشڪ حالت ۾ سولن جو 50 سيڪڙو پروٽين تي ٻڌل هجي ٿو، جڏهن ته اهو ڏسڻ ۽ کائڻ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جيان محسوس ٿئي ٿو.

سولر فوڊز موجب، سولين کي ڪنهن قسم جي غذا ۾ شامل ڪري ان جي غذائيت ۾ غير معمولي واڌ ڪري سگھجي ٿي، ان جي تياري واپاري پيماني تي به ڪئي ويندي، سول فوڊز جو منصوبو آهي ته 2022ع تائين سولين جي پيداوار وڌائي 2 ارب خوراڪون هر سال تيار ڪيون وڃن، واضح رهي ته هن وقت دنيا ۾ پروٽين جو سڀ کان وڏو ذريعو گوشت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.