ڪراچي، سوئي گيس، کپري ۽ ڪوٽڙي جون خبرون

ڪراچي: بحريا ڌرڻي ڪيس ۾ گرفتار 147 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون ضمانتون منظور

سوئي گيس : ڳوٺ ڇتن شاھ بخاري جي رھواسي جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

کپرو : بجلي جي اڻ اعلانيل بندش خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو

سموري سنڌ وانگر ڪوٽڙي  ۾ به عيدالاضحيٰ  جي موقعي تي مال پڙي لڳائي وئي

ميرپور ماٿيلو: لغاري برادري جي ڳوٺاڻن  پاران بااثرن جي بليڪ ميلنگ ۽ ڏاڍائي خلاف مظاھرو

1

ڪراچي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت بحريا ٽائون ڌرڻي ڪيس ۾ گرفتار جسقم چيئرمين صنعان قريشي امجد مهيسر ۽ الاهي بخش بڪڪ سميت 147 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون ٽئين ڪيس ۾ به ضمانتون منظور ڪري ورتيون  . عدالت ڪيس نمبر 259 ۾ 20،20 هزار عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ دھشتگردي جو ھي ٽيون ڪيس ھو جنھن ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي. عدالت چيو ته جن جوابدارن خلاف ٻيا ڪيس ناھن انھن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

2

سوئي گيس ڀرسان ڳوٺ ڇتن شاھ بخاري جي رھواسي محمد ياسين ويسر بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج  ڪندي چيو ته هن پنھنجي نياڻي جو نڪاح عدالت ۾ نصرالله پٽ امان الله ويسر سان ڪرايو آھي جنھن تي ڳوٺ ڊينگل خان ويسر جي رھواسي جوابدارن ھرھڪ فيض محمد ، نياز حسين ، الھوڌايو ، امداد حسين ، محمد سليم ، شاھنواز ، قادربخش ، موج علي ، غوث علي ويسر ۽ ٻين زبردستي نياڻيءَ کي اغوا ڪرڻ جي ارادي سان رات جي اونداهي ۾ گهر ۾ داخل ٿي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. دانھن تي پاڙيوارن سيٺارجا پوليس اسٽيشن تي اھڙو اطلاع ڏنو ، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ  کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو ، ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

3

کپرو ۾ ايس ڊي او واپڊا احمد نواز عباسي خلاف شھرين ڪريم چانهيون . شوڪت بڙدي، عبدالجبار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي مظاهرين ڳالهائيندي چيو ته کپرو ۾ معمولي برساتن بعد واپڊا وارن بجلي جو سسٽم خراب ڪري ڇڏيو آھي،  بجلي سڄي ڏينهن ۽ رات ۾ ڪجهه ڪلاڪ هلائي ٿي وڃي جنهن جي ڪري شھري وڏي عذابن واي زندگي گزاري رهيا آھن پر واپڊا عملدارن کي ڪاب پر واه ناهي،  هنن  چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن کپرو ۾ بجلي جو نظام درست نه ڪيو ويو ته شھر ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.

4

سموري سنڌ  وانگر ڪوٽڙي  ۾ به عيدالاضحيٰ  جي موقعي تي ضلعي ڄامشورو جي وڏي ۾ وڏي مال پڙي لڳائي وئي ،  لڳايل مال پڙي  ۾ ڄامشورو ٿاڻو بولا خان ٺٺو سميت مختلف علائقن کان واپاري پنهجو مال کڻي آيا جڏهن ته خريداري جو سلسلو پڻ تيز ٿي ويو آهي،  مال پڙي ۾ انتظام پورا نه هجڻ  سبب واپارين سميت خريدار به سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا، بلديا عملدارن جي ملي ڀڳت سان ھڪ بااثر کي ٺيڪو ڏنو ويو .

5

ڏھرڪي جي رھواسي لغاري برادري جي ڳوٺاڻن  پاران بااثرن جي بليڪ ميلنگ ۽ ڏاڍائي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ڳوٺ ڪوڙو خان لغاري جي رھواسين دڪاندار امتياز لغاري،پورھيت شاھنواز لغاري ۽ ٻين ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي دانھيندي چيو ته ڳوٺ جي بااثرن پوليس سب انسپيڪٽر اميد علي لغاري، رياض احمد لغاري، غلام علي ۽ امتياز لغاري سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، ھنن وسوارن کان تحفظ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.