حڪمرانن جي ناقص ڪارڪردگي ، ڪاڇو ٻوڏ جي لپيٽ ۾ 

محمد اسماعيل لانگاهه

گذريل سال 2020 سانوڻي جي ٻوڏن جو خوف ڪاڇي واسين جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو هو ته مٿان وري2021ع  سال جي سانوڻي جون برساتون شروع ٿي ويون  آهن، انهي ٻارنهن مهيني جي عرصي دوران ڪاڇي جي عوام وڏيون دانهون ڪوڪون ڪيون احتجاج ۽ ايلاز  ڪيا تڪ جي چونڊيل نمائندن، سنڌ سرڪار، وفاقي حڪومت وزير اعظم، آبپاشي کاتي کي  ته ڪاڇي ۾ تباهيون  ڦهلائيندڙ نئين گاج جو ٽُٽل( ڊائيوريش بند) ٺھرايو  بند ته پري جي ڳالهھ پر ٽٽُل روڊن تي به هڪ پٿر نه رکيو ويو، حڪمرانن جي سچ پچ ڪاڇي جي عوام سان ڄڻ دلي طرح دشمني آهي جو انهن جي اندر ۾ انسانيت نالي ڪا شيءِ ناهي ۽  وفاق سنڌ مٿان الزام هنيا، ۽ سنڌ وفاق مٿان ته پر ٻنهي جي جهيڙي ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جا جُھڳا ٻيهر جهڻ ڪرائي  ڇڏيا آهن پر مجال آجو سنڌ سرڪار توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونءَ چري هجي، ۽ وفاق تي الزام مڙھيا پئي ويا ته سنڌ سرڪار وٽ ڪاڇي ۾ ٿيل تباهي جي ازالي لاءِ  فنڊز ناهن ۽ آفت زده قرار ڏيڻ کانپوءِ  لکين رپيا فنڊز ملڻ باوجود ڪنهن به ڪاڇي واسي جي هن مهل تائين جيتري مالڪي ٿيڻ گهربي هئي نه ڪئي وئي.

پروڪين برساتن ۾ بي گهر ٿيل ماڻھن اڃا اجها به نه اڏيا پکين وانگر انهن پکڙن ڪکن ڪانن جي گهرن ۾ ٻارنهن مهينا گذاريا تان جو ڪاڇو ٻيهر سانوڻي جي برساتن جي زد ۾ اچي ويو آهي گذريل سال جون ٿيل تباهيون ماڻھن کان وسريون به نه هُيون ماڻھن پنهنجا مسمار ٿيل اجها به نه اڏيا هئا، غريب ماروئڙا اڃا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن گذريل ٻارنهن مهينن کان سرديون گرميون سهي ان  آسري ۾ رهيا ته اسان جا همدرد حڪمران چونڊيل نمائندا اسان غريبن جي مالڪي ڪندا  پر اهو انهن مسڪينن جو شايد وهم ۽ اڻپورو خواب هو ،پر تر جيتري به مدد نٿي سال2021 ع جي سانوڻي جي طوفاني برساتن ۽ نئين گاج ڪاڇي واسين جي دردن، سورن ڏُکن تڪليفن ۾ ٻيهر اضافو ڪيو ۽ نئين گاج جا وهڪرا گهرن ۾ ڪاهي پيا، ماڻھو جانيون بچائي مس وڃي مٿانهين هنڌن تي محفوظ ٿيا پر پاڻمرادو ڪنهن سرڪاري توڙي غير سرڪار طرح کان مدد نه ملڻ باوجود دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايئن ناهي جيئن اسان جي ملڪ ۾ آهي انسانن کي ڪڏھن به انسان نٿو سمجهيو وڃي.

بس هتان جي حڪمرانن کي خبر آهي ته هن ملڪ جي عوام ڪيڙن مڪوڙن جيان هر وقت اسان جي پيرن ۾ لتاڙجندي رهندي ۽ ھروقت اسان جا غلام نوڪر ٿي رهندا، انهن کي زندگي جي بنيادي سهولتن لاءِ  ايئن سڪايو ۽ رلايو ويندو جيئن هڪ پياسو جانور پاڻي جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي پر پوءِ  به وقت ايندي  پنهنجي تڪليفن سورن کي وساري ساڳيا اهي ڪيڙا مڪوڙا بڻيل ماڻھون چند پئسن جي لالچ عيوض اسانجي پويان هوندا ڪاش اسانجي ملڪ جو عوام دشمن حڪمرانن جي چال چلت ۽ سازشن کي تڪڙو سمجهي وٺجي ها پر ايئن الائي ڪڏھن ٿيندو.

ذڪر ڪجي ٿو ڪاڇي ۾ ٻوڏن ۽ برساتن جو  ته موسمي حالتون هن وقت ڪاڇي لاءِ  ڪنهن به طرح فائدي ۾ناهن رهيون پهرين برساتون رحمت بڻجي برسنديون هيون پر هاڻ مصيبت بڻجي ويون آهن هڪ طرف نااهل حڪمرانن جي ناقص ڪارڪردگي ٻئي طرف موسمي حالتون ڪاڇي واسين لاءِ  مصيبتن ۾ اضافي جو باعٽ بڻجي رهيون آهن هر سال سانوڻي جي موسم ايندي ئي ڪاڇي ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿئي ٿي انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ   هن وقت ڪاڇي جي عوام ۾ وصيت ناهي رهي جڏھن به گرمي هجي يا سردي برسات هجي يا ٻوڏ ڪاڇي جي عوام هميشه لوڙيو ۽ قربانيون ڏنيون آهن ۽ ڪاڇي ۾ ايندڙ مصيبتون حڪمرانن جي ڪمائي جا در کولينديون رهيون.

اربين کربين ملڪي توڙي غير ملڪي امدادون ڳڙڪائيندڙ سياسي توڙي چونڊيل نمائندن جي ڪوڙين دعوائن ۾ ڪابه کوٽ نه رهي هروقت چوندا رهيا ته ڪاڇي کي وڏي ترقي ڏياري آهي انهي ٿيل ترقي جا راز فاش ٻن ڪلاڪن جي پيل برساتن ظاهر ڪري ڇڏيا پر پوءِ  به  تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽  حڪمرانن جا اهي لفظ ته ماڻھون ڪاڇي ۾ آخر ويٺا ڇو آهن، هتان جا ماڻھون ترڻ جا ماهر آهن، ٻوڏ ۾ ماڻھو انجواءِ ڪري رهيا آهن اهي لفظ انهن مسڪينن ۽ پيرين اگهاڙن ڪاڇي واسين جي لاءِ  ڳالهايا وڃن ٿا جتان هرهڪ سياسي پارٽي جو ماڻھون ووٽن ۽ اليڪشنن ۾ وڏين گاڏين تي چڙھي ڪاڇي واسين کي خوشحالين جا خواب ٻُڌائن ٿا ڪاڇي جي ڌرتي جيڪي ڏُک سور صدما سٺا آهن انهن تڪليفن جا ذميوار اسانجا حڪمران ئي آهن جنهن ڪاڇي جي ماڻھن کي بي حال بڻايو آهي موسمي حالتن ۽ برساتن سبب ڪاڇو هر سال ڪڏھن ٻوڏن ڪڏھن ڏڪارن کي منهن ڏيندو رهيو آهي اربين کربين رپين جي بجيٽن باوجود ڪاڇي جي قسمت تبديل نٿي سگهي آهي وفاق ۾ هڪڙي  حڪمران پارٽي صوبن ۾ ٻيون پارٽيون ضد انا پرستي ۽ جهيڙي واري سياست ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي پوءِ  رياست مدينه، سنڌ کي ڪارگل ۽ ڪشمير بڻائڻ واريون دعوائون ڪرڻ افسوس جوڳي گذريل ڪهاڻي آهي.

گذريل سال کانپوءِ  هن وقت ڪاڇو ٻيهر ٻوڏن جي لپيٽ ۾ اچي چڪو آهي جنهن جو اهم سبب آهي سنڌ سرڪار ۽ وفاق جي ناقص حڪمراني جو نتيجو جنهن جي سزا صرف غريب عوام لوڙي پئي، ڪاڇي ۾ ٻوڏن جو اصل ڪارڻ نئين گاج کي لڳ ڊائيوريشن بند ئي آهي جنهن جي مرمت نه ڪرائي وئي گذريل سال جيڪا ڪاڇي ۾ بربادي ٿي تر جيتري به مسڪينن جي مدد نه ڪئي وئي پر آفت زده قرار ڏيڻ کانپوءِ  سوچجي ته هتان جي ماڻھن کي ڇا مليو، اهي اربين کربين سنڌ سرڪار پنهنجي دادلن منسٽرن جي ريپيئرنگ تي خرچ ڪري انهن کي پرڏيهھ عياشيون ڪرڻ لاءِ  پئسا ڏنا بس هاڻي ڪاڇي واسين کي ان ڏينهن پنهنجي بربادي جا داستان دلين ۾ سمائي رکڻ گهرجن جڏھن اليڪشن ٿيندي ئي ساڳيا منسٽر دهل دمامن سان درن تي اچي ووٽن جي خيرات گهرندا جيڪڏھن ان وقت به ڪاڇي واسي پنهنجا  سور ڏُک ياد نه ڪري سگهيا ته پوءِ  ٻوڏن ۽ تباهين ۾ قصور وار ڪنهن کي به ڏجو جيڪڏھن قصور آهي ته اسانجو ضمير جيڪو چند پئسن تي ان وقت وڪامجي وڃي ٿو پنهنجا ٻار ٻچا گهرگهاٽ وسري وڃن ٿا سمجهجو ته ڏوھ ڪنهن ڪاموري جو نه پر اسانجي قسمت ئي ڦٽل آهي جيڪا لوڙي چوڙي گذارڻي پوندي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.