ٺٽي ۾پ ٽ الف جو جائز مسئلن جي حل لاءِ احتجاج

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) پ ٽ الف ضلعي ٺٽي طرفان استادن جي جائز مسئلن جي حل توڙي تعليم کاتي جي آفيس ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ استادن کي بائيو مئٽرڪ سسٽم، ڪتاب ڏيڻ، رزلٽ شيٽون صحيح ڪرائڻ، استادن کي بلاجواز پريشان ڪرڻ واري عمل خلاف مڪلي تي پ ٽ الف ضلعي ٺٽي جي صدر سيد ارشاد حسين شاھ بخاري، گسٽا ضلعي ٺٽي جي صدر علاؤالدين بروھي، خير محمد بروھي، غلام مصطفيٰ بروھي، بشيرالحق شورو، محمد علي ٻٻر، عثمان سومرو، محمد علي شر، شريف تنيو، غلام محمد ٻارچ، احمد جاکرو، ڪي ڪي شورو، رفيق احمد سومرو، نظير خاصخيلي، عرفان خاصخيلي، غلام حيدر بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڪلي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن ۾ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سخت نعربازي ڪئي. ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته استادن کي بلاجواز پريشان ڪري جائز مسئلا به حل نٿا ڪيا وڃن. ھنن چيو ته تعلقي  ايجوڪيشن آفيسر فيميل ٺٽو استادياڻين سان ناروا سلوڪ ڪري انھن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جيڪا پنھنجي آفيس ۾ ويھڻ لاءِ به تيار ناھي. ھنن چيو ته ھڪ طرف اداري ۾ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف امتحاني رزلٽ شيٽ سرٽيفڪيٽن، سرڪاري ڪتابن تان به رشوت جي اوڳاڙي ڪرڻ سميت ٽي اِي او فيميل پنھنجي آفيس ۾ ويھڻ بدران ٽي اِي او ميل ٺٽو جي آفيس ۾ ويھي استادياڻين کي ان آفيس ۾ گھرائي کين بائيو مئٽرڪ، ھيئرنگ ۽ ڪتاب ڏيڻ بھاني گھرائي بلاجواز تنگ ڪري رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.