سينيٽ چيئرمين جو گهرو وزارت طرفان اڪثر سوالن جا جواب نه ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي گهرو وزارت طرفان اڪثر سوالن جا جواب نه ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

سينيٽ اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته گهرو وزارت ٻڌائي ته جواب ڇو ناهي آيو.

هن عملي کي هدايت ڪئي ته گهرو وزارت کي لکو ته سوالن جا جواب ڇو ناهن ڏنا ويا.

سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ان معاملي تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سان ڳالهائيندس.

سينيٽ گيلري ۾ سرڪاري آفيسرن جي عدم موجودگي تي به سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.