طالبان افغان باب دوست گيٽ تي ڪنٽرول سنڀالي ورتو

چمن(ويب ڊيسڪ) طالبان پاڪستان ۽ افغانستان جي مرڪزي لنگهه جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.

طالبان ترجمان ذبيح الله ماجد طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني سرحد لڳ افغان ضلعي اسپن بولدڪ تي قبضي لاءِ حملو ڪيو ويو، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مزڪزي لنگهه جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.

طالبان ترجمان جو چوڻ آهي ته طالبان 20 سالن کان پوءِ افغانستان ڏانهن باب دوستي جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي، بابت دوستي تي طالبان افغانستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ طالبان امارت اسلامي جو اڇو جهنڊو به ڦڙڪايو.

طالبان ترجمان اپيل ڪئي ته شهري ۽ واپاري اڄ باب دوستي ڏانهن نه اچن.

ٻئي پاسي افغانستان جي ٽرانسپورٽ واري کاتي تصديق ڪئي ته افغانستان ۾ چمن قنڌار شاهراهه تي طالبان ڪنٽرول ڪري ورتو آهي جنهن جي ڪري اچ وڃ معطل آهي.

پاڪستان جو باب دوستي بند:

ان کان سواءِ ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان به باب دوستي هر قسم جي اچ وڃ جي لاءِ بند آهي جنهن جي ڪري واپار به معطل آهي، باب دوستي تي واڌو سيڪيورٽي مقرر ڪري پاڪ افغان بارڊر تي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، باب دوستي گيٽ تان اچ وڃ ۽ واپار بحالي لاءِ طالبان جي مقامي قيادت سان رابطي ۾ آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.