ڄامشوري ويجهو ڪراچي واهه مان نوجوان جو لاش هٿ

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشوري جي غريب آباد ڪالوني  سامهون ڪراچي واهه مان نوجوان جو لاش هٿ، اسپتال منتقل ڪراچي واسي عبدالغني ميمڻ طور سڃاڻپ ٿي. . تفصيل موجب: ڄامشوري جي غريب آباد ڪالوني جي سامهون ڪراچي واهه ۾ نوجوان جو لاش ڏسي رهواسين پوليس کي اطلاع ڏنو، ڄامشورو پوليس پهچي لاش کڻائي لمس اسپتال منتقل ڪرايو، نوجوان جي کيسي مان مليل اين آء سي مان نوجوان جي سڃاڻپ عبدالغني ولد عبدالعزيز ميمڻ محلا پي، اي، سي، ايڇ، ايس بلاڪ 53 ڪراچي مشرقي طور ڪئي وئي، اهڙي اطلاع تي نوجوان جو ڀيڻوو يوسف ميمڻ پهچي لاش جي مالڪي ڪئي جنهن بعد پوليس لاش سول اسپتال منتقل ڪرائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس ڀيڻوي يوسف ميمڻ حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ اي ايس آء سيد شفيع محمد شاهه  ٻڌايو ته مليل لاش جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد وارثن اطلاع ڏنو مقتول جي عمر 46 سال هئي سندس جسم تي ظاهري نشان نه هئا هو ڪراچي کان حيدرآباد پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ لاء نڪتو هو سندس ڀيڻويي يوسف ٻڌايو آهي هو اسان وٽ گهر پهتو ئي نه هو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي وارث جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو جنهن بعد جاچ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.