سنڌ ۾ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ وارو الميو!

تحرير: غلام حسين جوڻو

ملڪ ۾ ، قومي شناختي ڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو ڪم ، ”نادرا“ جي حوالي آهي ۽ ان جي پهرئين ته ڪارڪردگي ڏاڍي سٺي هوندي هئي. جنهن جي هر ڪو تعريف ڪندو هو. پر، آهستي ، آهستي ان جي خلاف ماڻهن جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳيون. ڪڏهن مرد کي عورت ڪري ڪارڊ جاري پئي ٿيو ته وري عورت کي مرد ڪري ظاهر ڪيو اٿن. مطلب ته جنس ئي تبديل ڪرڻ نادرا جو وڏو ڪمال آهي. ڪڏهن وري پيءَ ننڍو ۽ پٽ وڏو ڪري عمرين جو اندراج به ٿيو آهي. اهڙا انڪشاف ته ڪيترن ئي ماڻهن جي واتان ٻڌا به آهن ته ڪيترائي دفعا اخبارن ۾ اهڙيون خبرون پڙهيون به. جيڪي سڄي جڳ جهان پڙهيون هونديون. پر، ڪجهه سالن کان وٺي هتان جا ساڃاهه وند ۽ گهڻ گهرا دانهون ڪندا پيا اچن ته ، سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هتي ڌارين جي لوڌ آباد ڪري انهن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ڏنا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ احتجاج به ڪيا ويا. ڌرڻا به ڏنا ويا. پر، وقت جي حڪمرانن هن طرف ڪو به توجهه ڪونه ڏنو. اسان کي چڱي طرح ياد آهي ته ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپرستي هيٺ ، ڪراچي ۾ ڌرڻو هنيو ويو هو جيڪو ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهيو. ان احتجاج ۾ اها گهر ڪئي ويئي هئي ته ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري بند ڪئي وڃي ۽ پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪري نه ڏنا وڃن. حڪومت سکڻا دلاسا ڏيئي ۽ ڪوڙا واعدا ڪري. احتجاج کي ختم ڪرايو. پر، ڄاڻايل ڪارڊن جي جاري ڪرڻ وارو سلسلو مخفي طرح رهيو.

حالت اها آهي جو ، سنڌ جي رهواسين کي ڪراچي جو ڊوميسائيل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري نه ٿو ڏنو وڃي. ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي رلن پيا ۽ نادرا آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن. پر، کين نااميد ۽ مايوس ٿيو واپس اچڻو ٿو پوي. سنڌ جي ٻين ضلعن ۽ علائقن ۾ به سنڌي ماڻهن لاءِ نادرا آفيس وارا وڏيون دشواريون ۽ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هتان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قومي شناختي ڪارڊ ڪونه آهن. جنهن ڪري کين ڪيترن ئي هنڌن تي تڪليفون پيش اچي رهيون آهن. کين حڪومت جي طرفان ملندڙ امداد به ڪونه ٿي ملي. هو ، ووٽ جو حق به استعمال ڪري ڪونه ٿا سگهن.

ٻئي طرف اخبارن ۾ پڙهيو  ته ، سنڌ ۾ ٽيهن کان چاليهه لکن تائين پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ڏنا ويا آهن. ايجنٽن جي معرفت ڀارتين ،برمين ، بنگالين ، افغانين ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن کي ڪارڊ ڏنا پيا وڃن. ڌارين کان ايجنٽ پئسا وٺي پنهنجا کيسا ڀري رهيا آهن ۽ انهن پئسن مان نادرا آفيس وارن کي به پنهنجو حصو پتي ملي رهيو آهي. جنهن ڪري اهو غير قانوني ڪم ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر عامر فاروقيءَ ڪراچي ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نادرا جا سٺ سيڪڙو آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث آهن. نادرا ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ جا آفيسر غير قانوني ڪمن ۾ شامل آهن. جن برمين ، بنگالين ۽ افغانين جا جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهيا آهن. بعد ۾ معلوم ٿيو ته انهن پرڏيهين جو لشڪر جهنگوي سان تعلق رهيو آهي. هن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ اٽڪل ويهن کان چاليهه لکن تائين جعلي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن. سڀني جو پتو لڳايو ويو آهي. انهن جعلي سڃاڻپ ڪارڊن کي جلد ئي بلاڪ ڪيو ويندو اهي سمورا رد ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ، جنهن سسٽم تحت انهن قانون کي باءِ پاس ڪيو تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.

تازو جيڪا ڪارروائي ڪئي ويئي آهي ان ۾ ڪجهه افغاني باشندا گرفتار به ٿيا آهن ۽ انهن وٽان جعلي شناختي ڪارڊ به برآمد ٿيا آهن. انهن جي مدد ڪندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر افروز ۽ اشفاق احمد جمالي ۽ ڪن ٻين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. اهي هاڻ قانون جي گرفت ۾ اچي چڪا آهن. ان کان سواءِ  هڪ ايجنٽ نالي خيال به گرفتار ڪيو ويو آهي. تن سڀني جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

جيڪڏهن بي رياءُ ٿي انڪوائري ڪئي ويئي ۽ گرفتار ڪيل ماڻهن کان سختي سان پڇاڻو ڪيو ويو ته يقينن ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ معلومات ملي سگهي ٿي. ممڪن آهي ته جيڪو انگ ٻڌايو پيو وڃي. ان کان وڌيڪ جعلي ڪارڊ جاري ڪيا ويا هجن. تن جي باري ۾ ڄاڻايل گرفتار ماڻهو  ئي  ٻڌائي سگهن ٿيون ۽ ڪيترن ئي رازن تان پردو کڻي سگهن ٿيون. انهن سان ڪا به نرمي ڪرڻ نه گهرجي ۽ نه وري ڪا ڏيتي ليتي ڪري ، انهن کي ڪيسن مان بري ڪرائن لاءِ ڪا راهه هموار ڪئي وڃي. بهتر ته ايئن ٿيندو ته ، ٻاهرين لوڌ کي ملڪ نيڪالي ڏجي. پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ گهڻا ٻاهريان ماڻهو آباد ڪيا پيا وڃن تن کي سنڌ مان ٽپڙ کڻائڻ گهرجن ۽ کين واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ گهرجي. پر، هتي حڪومت ۾ ويٺل سڀ نمائندا ، سنڌ جا وفادار آهن. جن جي وفاداري متعلق اسان وٽ لفظ ئي ڪونه آهن جو بيان ڪريون . سندن وفاداري ، بحريا ٽائون جي خلاف هلچل ۾ سامهون آئي آهي. اهي چاهين ٿا ته ، سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿين. تنهن ڪري سنڌ حڪومت ، ڌارين جي آبادڪاري ۾ سهولتڪار آهي.

ڪجهه وقت اڳ ۾ نهي پاڪستان پيپلز پارٽي جا سرڪرده اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائندا ، پرڏيهين کي دعوت ڏيڻ ويا هئا ته هتي اچي آباد ٿين کين هتان جا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل به ڏنا ويندا ۽ سهولتون به مهيا ڪيون وينديون. اهي ڳالهيون اڄ به ڪچهرين ۾ عام جام ڪيون وڃن ٿيون ۽ ان لحاظ کان ڄاڻايل پارٽي تي ڇتي تنقيد به ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ اهي سنڌ دشمن ماڻهو  ڪڏهن به ڪونه چاهيندا ته ڌارين جي آبادڪاري کي ختم ڪجي اهي چاهن ٿا ته  کين قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪري ڏنا وڃن. سندن اهڙي پاليسي جي ڪيتري به مذمت ڪجي سا نه هئڻ جي برابر سمجهڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي سڄڻن ، گهڻ گهرن ، همدردن ، خير خواهن ۽ ساڃاهه وند شخصيتن کي تشويش آهي ۽ کين تحفظات آهن. خدا ڪري ته سندن خدشا دور ٿين. ان لاءِ حڪومت جي سچائي هئڻ ضروري آهي.

ياد رهي ته ، ڄاڻايل قومي شناختي ڪارڊ پرڏيهين کي جاري ڪري ڏيڻ سان هتي جي امن و امان جي حالت خراب ٿيندي. جنهن سان ملڪ جي بدنامي ٿي سگهي ٿي. ماحول تي ناڪاري ۽ منفي اثر پوندا. جيڪي اسان جي لاءِ فائديمند ثابت ڪونه ٿيندا پر نقصانڪار ئي هوندا. عامر فاروقي پريس ڪانفرنس ۾ اهو به چيو آهي ته ، اسان ڪنهن به ڪميونٽي جي خلاف ڪونه آهيون ۽ نه وري ڪي الزام ٿا هڻون. جعلي ڪارڊن سان ملڪ جي بدنامي ٿي آهي. جيڪو به ملوث هوندو. ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جنهن جو مطلب ٿيو ته ڪنهن به ملوث فرد سان رعايت ڪانه ڪئي ويندي. شل ايئن ئي ٿئي. باقي جيڪي حالتون ٿيون ڏسجن ته هتي وڏي ۾ وڏا ڏوهاري به آزاد گهمدا وتن. انهن کي ڪوبه لهر ۽ لوڏو ڪونه ٿو اچي. هو اڳي کان به اڳرا آهن. بلڪل اهڙي طرح اهو به خدشو آهي ته ، جعلي ڪارڊن جاري ڪرڻ جي معاملي ۾ جيڪي ڌريون ملوث آهن سي ڪنهن اثر رسوخ جي ذريعي يا رشوت ۾ وڏي رقم ڏيئي آزاد ٿي سگهن ٿيون. اها وقت جي تقاضا آهي ته کين ڀڄڻ نه ڏنو وڃي ۽ قانون ۽ آئين مطابق سزائون ڏيئي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ته جيئن ٻيا ماڻهو به انهن جي حالت ڏسي سبق سکن ۽ ڌارين جي آبادڪاري ۾ سهولتڪار نه بنجن ۽ کين جعلي شناختي ڪارڊ جاري ڪري ڏيڻ کان پاسو ڪن.

ياد رهي ته جعلي شناختي ڪارڊن جي آڙ ۾ هتان جا کوڙ ماڻهو ، پرڏيهه ۾ هليا ويا آهن. جيڪي ٻيهر پنهنجي ملڪ ۾ ورڻ جي ڪونه ٿا ڪن. انهن کان وڌيڪ ڌاريا هتي آيا آهن جيڪي واپس وڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ملڪ سان غداري آهي. ان جي ڪري ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي. ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچي ٿو ۽ هتان جي رهواسين جي حقن تي ڌاڙو هنيو وڃي ٿو. جنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته ، ان سلسلي کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي ۽ ڪنهن قانون سازي جي ضرورت پوي ته اها به ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائي. قانون سازي ڪرڻ کان پوءِ ، ان تي عمل ڪرائڻ به حڪومت جي ذميواري آهي ته جيئن ان ناجائز ڪم کي ٻنجو اچي سگهي. اهو به ضروري آهي ته ملڪ ۾ اهڙا به رهواسي آهن جن کي مذڪوره ڪارڊ جاري ڪري ڪونه پيا ڏنا وڃن. نادرا وارا ڪونه ڪو اعتراض واري سندن فارم واپس ڪريو ڇڏين ٿا. جنهن ڪري نادرا جي قاعدن ۽ قانونن ۾ نرمي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي شناختي ڪارڊ حاصل ڪري سگهن ۽ کين هتان جي رهاڪو هئڻ جو قانوني حق ملي سگهي. ان واٽ ۾ به حڪومت کي نادرا طريقئه ڪار ۾ نظرثاني ڪرڻ گهرجي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.