جيڪب آباد ۾ نوجوان پاڻ مٿان فائر ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني ۾ نوجوان پاڻ مٿان فائر ڪري زندگي  جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو جيڪب اباد جي اي ڊي سي ڪالوني  واري علائقي چاند ماڙي جي رهواسي 19 سالا شعيب ولد محمد پناھ لاشاري گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو نوجوان جي ڀاء محب لاشاري موجب ڀاء معمولي ڳالھ تان ڪاوڙجي خودڪشي ڪئي آھي ان سلسلي ۾ پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو خودڪشي لڳي ٿو پوء هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آھيون . هوڏانهن فوتي نوجوان جو لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو نوجوان جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.